APP25-110123 ISLAMABAD: January 11 – Prime Minister Shehbaz Sharif addressing a news conference. APP/MAF/TZD

اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس کي انتهائي ڪامياب قرار ڏيندي چيو آهي ته اسان گڏجي دنيا آڏو ٻوڏ متاثرين ۽ پاڪستان جو ڪيس وڙهيو، عالمي برادري به اسان تي ڀرپور اعتماد ڪيو، قوم جي دعائن ۽ اسان جي اخلاص جي نتيجي ۾ الله تعاليٰ اسان کي سرخرو ڪيو، هاڻي اسان کي عوام جي ترقي، خوشحالي ۽ ٻوڏ متاثرين جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ اتحاد ۽ يڪجهتي سان ڪم ڪندي عوام جي آڏو سرخرو ٿيڻو آهي، دوست ملڪن ۽ عالمي برادري کان ملندڙ امداد جي هڪ هڪ پئسو شفافيت سان خرچ ڪيو ويندو ۽ پنهنجي زراعت، صنعت ۽ انفراسٽرڪچر کي بحال ڪنداسين، سياسي مخالفن کي حڪومتي قدم هضم نه ٿي رهيا آهن، انهن قوم ۾ ورڇ جو زهر گهوليو، ملڪ ۾ ڪڻڪ جي کوٽ نه آهي، ملن کي ڪڻڪ جي فراهمي صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي، خيبرپختونخواهه حڪومت صحيح طريقي سان پنهنجي وسيلن کي استعمال ۾ نه آندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ماحولياتي تبديلي واري وزير شيري رحمان، مواصلات واري وزير مولانا اسعد محمود، قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزير طارق بشير چيما ۽ اي اين پي جي اڳواڻ ميان افتخار حسين پڻ موجود هو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته جنيوا ڪانفرنس انتهائي ڪامياب ثابت ٿي آهي، اهو ڪروڙين عوام جي دعائن ۽ ان اخلاص ۽ محنت جو نتيجو آهي جنهن جو مظاهرو اتحادي حڪومت ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته سمورن متاثرين جي بحالي ۽ ٻيهر آبادڪاري تائين حڪومت سک سان نه ويهندي. هن ٻڌايو ته جنيوا ڪانفرنس ۾ دوست ملڪن ۽ عالمي برادري مجموعي طور تي 9.7 ارب ڊالر جا واعدا ڪيا آهن، سڀ کان وڏي امداد جو اعلان اسلامڪ ڊيولپمينٽ بئنڪ 4.2 ارب ڊالر ڪيو آهي، ان کانسواءِ ورلڊ بئنڪ 2 ارب ڊالر ايشين انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ بئنڪ جنهن جي هيڊ آفيس چين ۾ آهي، هڪ ارب ڊالر ايشيائي ترقياتي بئنڪ 500 ملين ڊالر، آذربائيجان 2 ملين ڊالر، ڪئناڊا 18.6 ملين ڊالر، چين 100 ملين ڊالر، ڊينمارڪ 3.8 ملين ڊالر، يورپين يونين 87 ملين يورو، فرانس 380 ملين يورو، جرمني 84 ملين يورو، اٽلي 23 ملين يورو، جاپان 77 ملين ڊالر، نيدرلينڊ ساڍا 3 ملين يورو، ناروي 6.5 ملين يورو، قطر 25 ملين ڊالر، سعودي عرب هڪ ارب ڊالر، سوئيڊن 7.5 ملين ڊالر، برطانيا 36 ملين پائونڊ ۽ آمريڪا يو ايس ايڊ ذريعي 100 ملين ڊالر جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته جنيوا ڪانفرنس ۾ عالمي دنيا پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، جيڪڏهن انهن کي خدا نه ڪري خدشو هجي ها ته اها رقم شفاف طريقي سان نه ٿيندي ته ايتري وڏي امداد جا اعلان نه ٿين ها. وزيراعظم چيو ته بدقسمتي سان اسان سياسي مخالفن بدترين پروپئگنڊ ڪئي پر عالمي برادري ان تي ڪن نه ڌريو ۽ پنهنجي ٽيڪس پيئرز جو پئسو پاڪستان جي لاءِ ڏنو، اها پاڪستان جي تمام وڏي ڪاميابي آهي، جنهن تي پاڪستان جي عوام ۽ اتحادي حڪومت جا اڳواڻ مبارڪباد جا مستحق آهن. وزيراعظم جنيوا ڪانفرنس جي ڪاميابي لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ تي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار، موسمياتي تبديلي واري وزير شيري رحمان، منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير احسن اقبال، اقتصادي معاملن واري وزير سردار اياز صادق، اطلاعات ۽ نشريات واري وزير مريم اورنگزيب، پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر کانسواءِ پرڏيهي سيڪريٽري، ٻاهرئين ملڪ پاڪستاني سفارتخانن ۽ مشنز جي عملدارن ۽ اتحادي حڪومت جي اڳواڻن جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته اسان کي هڪ هڪ پئسي کي پنهنجي عوام جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ شفافيت سان استعمال ڪرڻو آهي، هڪ هڪ پئسو ٻوڏ متاثرين جي خدمت، انهن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ خرچ ڪيو ويندو. وزيراعظم ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو ته قوم ۾ ورڇ جو زهر گهوليو ويو آهي ۽ اهو اسان جي سياسي تاريخ تي تمام وڏو ڌٻو آهي، ان جي باوجود وفاق ۽ سمورن صوبن گڏجي جنيوا ڪانفرنس ۾ دنيا کي اتحاد ۽ ٻڌيءَ جو پيغام ڏنو ۽ ان ڪانفرنس ۾ سمورن صوبن جي نمائندگي موجود هئي، سڀني گڏجي پاڪستان جو ڪيس وڙهيو ۽ دنيا به اسان جي حڪومت تي ڀرپور اعتماد جو مظاهرو ڪيو، هاڻي اهو اسان تي آهي ته ڪهڙي طرح اربين ڊالر کي ڏينهن رات محنت سان سموريون توانائي استعمال ۾ آڻي پنهنجي ٻوڏ متاثر عوام ۽ صنعت، زراعت، انفراسٽرڪچر جي بحالي ۽ ترقي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ خرچ ڪريون ۽ ان کي پنهنجي ڪاميابي جي لاءِ بي مثال نموني طور پيش ڪريون. وزيراعظم سعودي عرب، قطر، يو اي اي، ترڪيءَ، چين، آمريڪا، فرانس، برطانيا، ڪئناڊا، يورپين يونين، اسلامڪ ڊيولپمينٽ بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ، ايشين انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ بئنڪ ۽ ورلڊ بئنڪ سميت سمورن دوست ملڪن ۽ عالمي ادارن ۽ عالمي برادري جا ٿورا مڃيا جن دل کولي پاڪستان جي مدد ڪئي. هن چيو ته الله تعاليٰ اسان تي تمام وڏو فضل ۽ ڪرم ڪيو ۽ اسان کي اندازن ۽ اميدن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ڪاميابي عطا ڪئي. وزيراعظم چيو ته جهڙي طرح ٻوڏ کانپوءِ پاڪ فوج، سمورن وفاقي ۽ صوبائي ادارن گڏجي متاثرين جي فوري مدد ۽ بحالي جي لاءِ ڪم ڪيو اهڙي طرح اسان اتحاد ۽ ٻڌيءَ سان ڪوششون جاري رکنداسين ته عوام آڏو سرخرو ٿينداسين. وزيراعظم سعودي عرب جي وزيراعظم ۽ ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان پاران مضبوط پيغام ڏيڻ ۽ سيف ڊپازٽس 5 ارب ڊالر تائين کڻي وڃڻ ۽ سيڙپڪاري 10 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو اشارو ڏيڻ تي به ان جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته پاڪستان جا دوست ملڪ اسان جي لاءِ الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان تمام وڏو وسيلو بڻيا آهن، هاڻي اسان جو وارو آهي ته ڪم ڪري ڏيکاريون. هن ان عزم جو اظهار ڪيو ته اتحادي حڪومت قوم کي مايوسي نه ڪندي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته جنيوا ڪانفرنس ۾ مجموعي طور تي 9.7 ارب ڊالر جا واعدا ٿيا آهن، بجيٽ مدد ۽ عطيا ۽ امداد جدا جدا شيون آهن، اسلامي ترقياتي بئنڪ پاران 4 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي سيڙپڪاري ٿيندي، پاڪستان کي جيڪا به امداد ملندي اسان کي اميد آهي ته ان جون شرطون نرم هونديون، اهڙي طرح عالمي بئنڪ، ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ٻين عالمي ادارن پاران به مدد فراهم ٿيندي، اسان کي الله تعاليٰ اهو موقعو ڏنو آهي ۽ اسان امداد جي هڪ هڪ رپئي ۽ هڪ هڪ پئسي کي متاثرين جي بحالي ۽ آبادڪاري تي خرچ ڪنداسين، هن وقت سخت موسم ۾ متاثري جهڙي طرح حالتن جو مقابلو ڪري رهيا آهن، ان سان انسان جا لڱ ڪانڊارجي وڃن ٿا. اٽي ۽ ڪڻڪ بابت سوال تي وزيراعظم چيو ته وفاقي وزير طارق بشير چيما قوم کي اعتماد ۾ وٺي چڪو آهي، سڀاڻي هو ٻيهر انگن اکرن سان قوم آڏو حقيقتون رکندو، ملڪ ۾ هن وقت الله جي فضل سان ضرورت موجب ڪڻڪ جا ذخيرا موجود آهن ڇو ته اسان اڳوڻي حڪومت وانگر ٽنگ تي ٽنگ چاڙهي نه ويٺا آهيون، اڳوڻي دور ۾ کنڊ ۽ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ نمايان اضافو ٿيو، گذريل سال ڪڻڪ جي پيداوار گهٽ ٿي هئي جڏهن ته ٻوڏ سان به ڪڻڪ جي فصل ۾ گهٽتائي جي ڏس ۾ حڪومت ڪڻڪ جي درآمد تي اربين ڊالر خرچ ڪيا ته جيئن ملڪي ضرورتن موجب ڪڻڪ جي فراهمي کي ممڪن بڻائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته اٽو صوبائي معاملو آهي، صوبن وٽ ڪڻڪ جا وڏا ذخيرا موجود آهن، فلو ر ملز کي ڪڻڪ جي فراهمي صوبن جي ذميواري آهي. هن چيو ته ان جي دور ۾ پنجاب ۾ اٽي جي قيمت ۾ هڪ رپئي جو اضافو نه ٿيو هو، موجوده صورتحال جي ڏس ۾ به اسان وفاق جي سطح تي وڌيڪ قدم کڻنداسين. نئين سر تعمير ۽ بحالي بابت غيرملڪي ميڊيا جي سوال تي وزيراعظم چيو ته اسان عالمي ۽ موسمياتي تبديلين سان پيدا ٿيندڙ مسئلن کان چڱي ريت آگاهه ڪيون، نئين سر تعمير ۽ بحالي جا قدم تيز تر انداز ۾ اڳتي وڌايا ويندا، ان مقصد جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي، طريقيڪار تي عمل ٿيندو، اسان جو هدف آهي ته ايندڙ چوماسي کان اڳ سمورن متاثرين جي بحالي کي ممڪن بڻايو وڃي، امداد ۾ ملندڙ فنڊز جو هڪ هڪ پئسو شفاف طريقي سان خرچ ٿيندو ۽ ان جي آڊٽ به ٿيندي، ان سان عطين ۽ امداد ڏيندڙ ملڪن ۽ ادارن کي به هڪ مضبوط پيغام ويندو، اسان کي يقين آهي ته جيڪڏهن اسان شفاف انداز ۾ تيز رفتاري ۽ محنت سان ڪم ڪنداسين ته امدادي رقم جا واعدا به جلد عملي شڪل اختيار ڪندا. وزيراعظم چيو ته عالمي ڪانفرنس جي حوالي سان سمورن صوبن ۽ ڌرين سان مشاورت ڪئي وئي هئي، آزاد ڪشمير ۾ الله تعاليٰ جي فضل سان ٻوڏ سان نقصان نه ٿيو هو، غذر ۾ ٻوڏ سان تباهي ٿي هئي، آئون پاڻ اتي ويو هئس، مون سان گڏ قمر زمان ڪائره به هو، اسان غذر جي لاءِ پئڪيج جو اعلان ڪيو هو. هن چيو ته ٻوڏ سان سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ ۾، ان کانپوءِ بلوچستان، پنجاب جا ٻه ضلعا ۽ خيبرپختونخواهه جا ٻه ضلعا ڊي آءِ خان ۽ سوات ٻوڏ سا وڌيڪ متاثر ٿيا، سوات ۾ دريائي رستن ۾ انساني مداخلت جي نتيجي ۾ وڌيڪ نقصان ٿيو، ڪانفرنس ۾ خيبرپختونخواهه جي صوبائي وزير ۽ بلوچستان جي چيف سيڪريٽري شرڪت ڪئي هئي، ان لاءِ اها ڳالهه حقيقتن جي ابتڙ ۽ بي بنياد آهي ته ڪنهن سان مشاورت نه ٿي هئي. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته صوبن کانسواءِ وفاق ٻوڏ متاثرين جي امداد لاءِ 100 ارب رپيا خرچ ڪيا آهن، 80، 90 ارب رپيا بي آءِ ايس پي جي ذريعي ڏنا ويا، 2.7 ملين خاندانن کي في خاندان 25 هزار رپين جي رقم شفاف طريقي سان ورهائي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته سمورن صوبن کي ان جو حق ملندو ۽ انهن کي مشاورت جي عمل ۾ شامل ڪنداسين. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته هي تاريخ جي سڀ کان وڏي ٻوڏ هئي، اڃا تائين ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي، اسان سڀني گڏجي ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي لاءِ ڏينهن رات ڪوشش ڪيون ۽ پنهنجو فرض ادا ڪيو، نتيجا الله جي هٿ ۾ آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي جي تازي اجلاس ۾ دهشتگردي جي واقعن ۽ معاشي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي، امن امان قائم رکڻ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي ذميواري آهي. هن عمران نيازي جي بيان تي افسوس جو اظهار ڪيو جنهن ۾ هن خيبرپختونخواهه کي فنڊز فراهم نه ڪرڻ جو الزام هنيو. وزيراعظم چيو ته نيشنل فنانشل ڪميشن ايوارڊ 2010ع تحت قومي آمدني جو هڪ سيڪڙو دهشتگردي جي خلاف جنگ جي لاءِ خيبرپختونخواهه حڪومت ڏانهن وڃي ٿو، سڀ کان اڳ ان جي لاءِ رقم رکي وڃي ٿي، صوبائي حڪومت پنهنجا فرض ادا نه ڪيا. وزيراعظم ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ صورتحال ۾ بهتري ايندي. وزيراعظم پاڪستان جو ڪيس بهترين انداز ۾ وڙهڻ ۽ ٻوڏ متاثرين جي بهترين ترجماني تي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس جا هڪ ڀيرو ٻيهر ثورا مڃيا ۽ چيو ته ان جي محنت ۽ ڪوششن جي نتيجي ۾ جنيوا ڪانفرنس جي ڪاميابي ممڪن ٿي، پاڪستاني قوم پاران آئون سندس ٿورا مڃان ٿو.