اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عالمي برادري ۽ عالمي مالياتي ادارن پاڪستان جي ٻوڏ متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ 9 ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي، اميد آهي ته هاڻي ان عمل ۾ تيزي آندي ويندي. ٽوئيٽر تي پنهنجي هڪ وڊيو پيغام ۾ پرڏيهي وزير جنيوا ۾ پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جي موضوع تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني کي پاڪستان جي لاءِ هڪ وڏي ڪاميابي قرار ڏنو ڇو ته ان ۾ اميدن کان وڌيڪ واعدا ڪيا ويا آهن. پرڏيهي وزير عالمي برادري جا ٿورا مڃيندي چيو ته ان مالي معاونت سان هو ٻوڏ کان متاثر علائقن جي نئين سر تعمير ۽ بحالي، تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي مرمت، زراعت جي بهتري ۽ غربت جي خاتمي لاءِ ڪم شروع ڪري سگهندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 9 ارب ڊالر کان وڌيڪ جا واعدا ڪرڻ تي سمورن ملڪن ۽ ادارن جا ٿورائتا آهيون، ان ڏس ۾ هن خاص طور تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل، چين، آمريڪا، يورپي يونين، فرانس جي صدر ميڪرون ۽ وچ اوڀر جي ملڪن سميت سمورن دوست ۽ ٻين جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته پوري دنيا پاڪستان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل آهي. پرڏيهي وزير پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته سٺي خبر اها آهي ته پاڪستان جي نئين سر تعمير ۽ بحالي ۾ حصيداري جي موضوع تي ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس سان اميدن کان وڌي وئي آهي، عالمي برادري پاڪستانجي ٻوڏ سٽيلن سان يڪجهتي جي لاءِ متحد ٿي بحالي ۽ امداد جي لاءِ 9 ارب ڊالر ڏيڻ جو واعدو ڪيو آهي. اسان انتونيو گوتريس جي قيادت جا خاص طور تي ٿورائتا آهيون.