اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس جي ڪاميابي بهترين ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته محنت کانسواءِ ڪا وڏي ڪاميابي نه حاصل ڪري سگهجي، ريزيليئنٽ پاڪستان ڪانفرنس جي ڪاميابي بهترين ٽيم ورڪ جو نتيجو آهي. هن پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته هن پرڏيهي معاملن واري وزارت جي ٽيم جي شاندار قيادت ڪئي. هن وفاقي وزيرن احسن اقبال، شيري رحمان، اسحاق ڊار، مريم اورنگزيب ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر جي ڀرپور ڪوششن کي پڻ ساراهيو.