اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پيپلز لائرز فورم سوات جي عهديدار فاروق خان ايڊووڪيٽ جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پيپلزپارٽي جي چيئرمين سوڳوار خاندان سان تعزيت ڪندي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ چيو ته آئون توهان جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جي مغفرت ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.