
اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مسلمان امت کي متحد ڪرڻ ۽ امن، ڀائيچاري ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي پيغام کي ڦهلائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ ۽ مسلم ورلڊ ليگ جي ڪوششن کي ساراهيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهباز شريف سان مسلم ورلڊ ليگ جي سيڪريٽري جنرل شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ هتي ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم سعودي عرب، مسلم ورلڊ ليگ ۽ شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ مسلمان امت جي اهم عالمي مسئلن خاص طور تي فلسطين ۽ ڪشمير جي حوالي سان ڪردار کي ساراهه جوڳو قرار ڏنو. وزيراعظم پاڪستان ۾ ٻوڏ جي جاري تباهي آڻيندڙ اثرن کي اجاگر ڪندي چيو ته ٻوڏ 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهن کي متاثر ڪيو آهي. هن ان مشڪل وقت ۾ سعودي عرب پاران پاڪستان کي فراهم ڪئي ويندڙ امداد تي ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو جيڪي گڏيل عقيدي، قدرن ۽ ثقافت جي بنياد تي قائم آهن. وزيراعظم سيڪريٽري جنرل جي پاڪستان جي تازي دوري لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. مسلم ورلڊ ليگ جو سيڪريٽري جنرل شيخ ڊاڪٽر محمد بن عبدالڪريم العيسيٰ 5 کان 14 آڪٽوبر 2022ع تائين پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي.