اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پشاور ۾ استادن تي خيبرپختونخواهه پوليس جي بي رحماڻي تشدد جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته سازش تي حقيقي آزادي گهرندڙ استادن کي پگهارون گهرڻ تي پٿر هڻي رهيو آهي، عمران خان جو معاشي انقلاب جيڪو 8 سالن کان خيبرپختونخواهه تي مڙهيل آهي، استاد ان جو ماتم ڪري رهيا آهن. استادن تي وحشياڻو تشدد ۽ پٿراءُ مذمت جوڳو ۽ شرمناڪ آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته پشاور اسيمبلي چوڪ ۾ استاد عمران خان جي بربريت ۽ ظلم کان ڇوٽڪاري جي لاءِ حقيقي آزادي مارچ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته عمران خان خيبرپختونخواهه ۾ سرڪاري ملازمن کي پينشن ۽ پگهارن جي ادائيگي روڪي ڇڏي آهي، استادن جي پرامن احتجاج جو حق برداشت نه ڪندڙ ڪوڙو سازشي اسلام آباد تي چڙهائي ڪرڻ چاهي ٿو.