اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ڪاروبار جي لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪرڻ جي لاءِ سڌارا آڻي رهيو آهي، بهتر ڪاروباري ماحول سان اسٽارٽ اپ ڪمپنين جو انگ وڌائڻ ۾ مدد ملندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آءِ ٽي خدمتون فراهم ڪندڙ عالمي ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر فيروز لال جي جي قيادت ۾ وفد سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. صدر چيو ته بهتر ڪاروباري ماحول سان ڪاروبار وڌائڻ، آءِ ٽي شعبي ۾ غيرملڪي سيڙپڪاري راغب ڪرڻ ۾ پڻ مدد ملندي. هن چيو ته پاڪستان خدمتن جي فراهمي جي معيار کي عالمي سطح تي آڻڻ جي لاءِ اي گورننس ۽ سرڪاري معاملن کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. صدر غيرملڪي ڪمپنين کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ملڪ ۾ ڪاروبار ڪرڻ ۾ وڌيڪ آساني آڻڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. صدر چيو ته يونيورسٽين، اعليٰ تعليمي ۽ تربيتي ادارن کي آءِ ٽي شعبي سان ويجهو رابطو قائم ڪرڻ گهرجي. صدر پاڪستان ۾ ڪمپني پاران هائي ٽيڪ آءِ ٽي مصنوعات ۽ خدمتون متعارف ڪرائڻ کي ساراهيو.