ڪراچي – 06 آڪٽوبر (اي پي پي) غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير ۽ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي چيئرپرسن شازيه عطا مري چيو آهي ته تازي ٻوڏ ۽ برساتن سبب متاثر 25 لک کان وڌيڪ خاندانن ۾ 63 ارب روپين کان وڌيڪ رقم ورهائي وئي آهي ۽ اھو سلسلو اڃا تائين جاري آهي . اھڙين ڳالهين جو اظهار ھن عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر سان سندس آفيس اسلام آباد ۾ ملاقات دوران ڪيوـ وفاقي وزير شازيه عطا مري عالمي بينڪ جي وفد سان ڳالهائيندي چيو ته ورلڊ فوڊ پروگرام جي سهڪار سان بينظير نشونما تحت 9 لک عورتن لاءِ معياري خوراڪ جو بندوبست ڪيو پيو وڃي ۽ بينظيرنشونما پروگرام تحت هن وقت تائين 25 هزار ڳورھاريون ۽ کير پياريندڙ مائرون فائدو حاصل ڪري چڪيون آهن ـ شازيا مري وڌيڪ چيو ته بينظير ڪفالت پروگرام تحت شفافيت کي نظر ۾ رکندي رقم مستحق خاندانن ۾ ورهائي پئي وڃي جڏهن ته مستحق خاندانن جي معلومات بابت ڊيٽا جي رازداري بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي اولين ترجيح آهي ـ وفاقي وفاقي وزير شازيه مري پاران ٻوڏ متاثرن جي مالي مدد جي حوالي سان عالمي بئنڪ جي بروقت تعاون کي ساراهيوـ ان موقعي تي عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ واري صورتحال کي آفت قرار ڏنو ۽عالمي بئنڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ايندڙ ڊونر ڪانفرنس ۾ پاڪستان کي وڌ کان وڌ مالي مدد فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو.