اسلام آباد -06 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته مشڪل جي هن وقت ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد ڪرڻ اسان جو مذهبي ۽ اخلاقي فرض آهي، مصيبت ۽ مشڪل جي گهڙي ۾ اسان سڀني کي ملي ڪري ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هن ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ڪم ڪندڙ پمز اسپتال جي ڊاڪٽرن سان ملاقات دوران ڪيو، ان موقعي تي پمز اسپتال جو ايگزيڪيٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر رضوان تاج پڻ موجود هو. هن ٻوڏ متاثر علائقن ۾ صحت جون سهولتون فراهم ڪندڙ ڊاڪٽرن کي تعريفي خط پڻ پيش ڪيا، هن چيو ته ڊاڪٽرن جي ٽيم انتهائي مشڪل حالتن ۾ وڃي ٻوڏ متاثر ماڻهن جو وڏي جوش ۽ جذبي سان علاج ڪيو آهي، عبدالقادر پٽيل چيو ته جهڙي طرح اوهان ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪئي ان لاءِ اوهان کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، بعد ۾ پي ايم ڊي سي جي بحال ملازمن صحت واري وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل سان ملاقات ڪري ان جو ٿورو مڃيو. هنن چيو ته پي ايم ڊي سي جي ملازمن کي پي ايم سي جبري طور رٽائر ڪيو ، پي ايم سي جي موجوده ڪائونسل انهن ملازمن کي بحال ڪري ڇڏيو آهي، صحت واري وفاقي وزير چيو ته بحال ٿيل ملازمن کي بحالي جا ليٽر پڻ ڏنا ويا آهن.