
اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته قوم ملڪي ترقي جي دشمنن کي سڃاڻي وئي آهي، گذريل چار سال ۾ سي پيڪ منصوبن کي ڄاڻي واڻي تعطل جو شڪار ڪيو ويو، ترقياتي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن چائنا روڊ اينڊ برج ڪارپوريشن جي نائب صدر زي چنگيان جي سربراهي ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ان موقعي تي منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، خاص معاونين جهانزيب خان، ظفرالدين محمود موجود جڏهن ته سامونڊي معاملن وارو وفاقي وزير سيد فيصل سبزواري وڊيو لنڪ ذريعي موجود هئا. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته حڪومت ترجيحي بنيادن تي پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي منصوبن کي مڪمل ڪري رهي آهي. گذريل چار سال ۾ سي پيڪ منصوبن کي ڄاڻي واڻي تعطل جو شڪار ڪيو ويو. قوم ملڪي ترقي جي دشمنن کي سڃاڻي وئي آهي. وزيراعظم چيو ته اسان ملڪ ۽ قوم جي پئسي جي حفاظت جي لاءِ عوام آڏو جوابده آهيون. حڪومت ترقياتي منصوبن ۾ شفافيت کي يقيني بڻائي رهي آهي. ترقياتي منصوبن خاص طور تي عوامي نوعيت جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو. پاڪستان ۽ چين پراڻا دوست آهن جن جا ڀائراڻا لاڳاپا ڏهاڪن تي ٻڌل آهن. چين پاڪستان جو هر مشڪل وقت ۾ ساٿ ڏنو آهي. تازي ٻوڏ ۽ برساتن دوران چين جي تعاون تي مون سميت پوري قوم صدر شي جن پنگ ۽ چيني عوام جي ٿورائتي آهي. وزيراعظم شهباز شريف سي پيڪ تحت منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مقرر مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. ملاقات ۾ وزيراعظم کي مختلف جاري ۽ مڪمل ٿيل ميگا پراجيڪٽس تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته قراقرم هاءِ وي – ٽو کي حويليان کان ٿاڪوٽ سيڪشن کي مڪمل ڪيو ويو آهي، جنهن تي ٽريفڪ جاري آهي جڏهن ته ان جي فيز ٽو ٿاڪوٽ کان راءِ ڪوٽ تي پڻ ڪم شروع آهي. ڪراچي ڪوسٽل ڊيولپمينٽ پراجيڪٽ، رشڪئي اسپيشل اڪنامڪ زون، ڪراچي حيدرآباد موٽروي ايم – 9، بابوسر ٽنل، ايم ايل – 1 ۽ ڪراچي پورٽ ٽرسٽ کان PIPRI ريلوي ڪوريڊور جي منصوبن تي پڻ اڳڀرائي بابت تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته سي آر بي سي وزيراعظم جي سي پيڪ جي منصوبن کي ترجيحي بنيادن ۽ مقرر مدي جي اندر مڪمل ڪرڻ جي لاءِ قدمن جي آجيان ڪري ٿي، ان کانسواءِ سي آر بي وزيراعظم شهباز شريف کي ٻوڏ سٽيلن جي مدد جي طور تي وزيراعظم فلڊ ريليف فنڊ جي لاءِ 1 لک ڊالر جو چيڪ پڻ ڏنو. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي انهن منصوبن جي حوالي سان سمورن ضروري قدمن کي جلد مڪمل ڪري انهن تي ڪم شروع ڪرڻ جي هدايت ڪئي.