اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ ڪشڪول کڻي مدد جي اپيل نه ڪنداسين پر اسان آلودگي پکيڙيندڙ امير ملڪن کان ماحولياتي انصاف چاهيون ٿا، اسان مالي معاونت جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون پر اها وڌيڪ قرضن جي صورت ۾ نه هجڻ گهرجي، عالمي برادري کي ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ وڌيڪ بهتر ۽ وڏي منصوبن سان اڳتي اچڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي اخبار دي گارڊين کي انٽرويو ۾ ڪيو. هن چيو ته ٻوڏ سان پاڪستان ۾ شديد تباهي ٿي آهي اسان کي ٻوڏ کانپوءِ آلودگي پکيڙيندڙ امير ملڪن آڏو ڪشڪول ڦهلائڻ تي مجبور نه ٿو ڪري سگهجي، اسان کي عالمي برادري کان ماحولياتي انصاف گهرجي. وزيراعظم خبردار ڪيو ته پاڪستان کي چوماسي جي شديد برساتن کانپوءِ صحت، خوراڪ جي تحفظ ۽ عارضي طور تي بي گهر ٿيندڙ ماڻهن جي بحالي جهڙا چئلينجز درپيش آهن، انهن شديد برساتن جي نتيجي ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ ملڪ جو ٽيون حصو پاڻي هيٺ آيو آهي، ڪجهه علائقن ۾ شديد طوفاني برساتون ٿيون. هن چيو ته پاڪستان جو ڪاربن جي اخراج ۾ 0.8 سيڪڙو حصو آهي، هاڻي اها ڪاربن جي اخراج جو سبب بڻجندڙ ترقي يافته ملڪن جي ذميواري آهي ته اهي اسان سان گڏ بيهن. شهباز شريف چيو ته مون پنهنجي زندگي ۾ ايتري وڏي پئماني تي تباهي ۽ پنهنجي عوام جون مصيبتون ناهن ڏٺيون، اهي پنهنجي ئي ملڪ ۾ ماحوليات کان متاثر پناهگير بڻجي ويا آهن. هن عالمي برادري پاران ڏنل اربين رپين جي فنڊز، عطين ۽ وڌيڪ مدد جي واعدن کي ناڪافي قرار ڏيندي چيو ته هن ماحولياتي تبديلي سان اسان جي ملڪ ۾ ٿيندڙ تباهي اسان جي معاشي وسيلن کان ٻاهر آهي، اسان وٽ دستياب وسيلن ۽ ضرورتن جي وچ ۾ فرق تمام وڌيڪ آهي جيڪو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. وزيراعظم ماحولياتي انصاف بابت واضح ڪندي چيو ته اسان ڪنهن تي الزام نه هڻي رهيا آهيون، اسان جيڪو ڪجهه به ڏسي رهيا آهيون اهو اسان جو ڪيل نه آهي پر اسان ان کان متاثر آهيون، ڇا مون کي ڪشڪول کڻي مدد جي اپيل ڪرڻ گهرجي؟ اهو ٻٽو صدمو آهي، اها ناانصافي آهي ۽ غيرشفافيت آهي. هن چيو ته اسان چين ۽ پيرس ڪلب سميت سڀني سان غيرملڪي قرضن جي معطلي جي امڪانن تي ڳالهه ٻولهه ڪري رهيا آهيون، پاڪستان ڪنهن به صورت ۾ نادهنده نه هوندو. اسان مالي معاونت جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون پر اها وڌيڪ قرضن جي صورت ۾ نه هجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته هو همدرداڻي بيانن تي ٿورائتو آهي جڏهن ته انهن اعلانن کي عملي قدمن ۾ تبديل ڪرڻ تمام اهم آهي، عالمي برادري بهترين ڪم ڪري رهي آهي پر اهو ڪافي نه آهي. انهن کي ٻوڏ سٽيلن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير جي لاءِ وڌيڪ بهتر ۽ موثر منصوبن سان اڳتي اچڻ گهرجي. شهباز شريف چيو ته امير ملڪن هڪ ڏهاڪو اڳ اسرندڙ ملڪن جي لاءِ ڪنهن موسمياتي هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ سال ۾ 100 ارب ڊالر ماحولياتي فنڊ ۾ ڏيڻ جو واعدو ڪيو هو، اها رقم ڪٿي آهي؟ امير ملڪن جي لاءِ پنهنجا واعدا پورا ڪرڻ جو هي بهترين وقت آهي. هن چيو ته اسان تلافي جو نه چئي رهيا آهيون، منهنجو خيال آهي ته هن وقت تلافي جي ڳالهه ڪرڻ مناسب نه آهي جڏهن ته آئون جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهيان انهن کي ان صورتحال جو نوٽيس وٺڻ ۽ ذميواري جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته نه رڳو پاڪستان پر دنيا جي لاءِ ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي ۽ نقصانن جي تلافي ممڪن نه هجي، انهن کي فوري قدم کڻڻ گهرجن. هن چيو ته تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي صورتحال ۽ متاثر علائقن جي وچ ۾ ڊگهي فاصلي جي ڪري حڪومت هن وقت به چئلينجز تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. هن چيو ته حڪومت ٻوڏ کان متاثر ماڻهن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي ذريعي شفاف طريقي سان فلڊ ريليف فنڊ ورهائي رهي آهي.