اسلام آباد – 06 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر سان پاڪستان ۾ مقرر ڪويت جي سفير نصر عبدالرحمان جه المطيري پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. مملڪتي وزير پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ دوران ڪويت جي تعاون تي سفير جا ٿورا مڃيا.