اسلام آباد– 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مريم نواز شريف ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جون سزائون ڪالعدم ٿيڻ تي الله تعاليٰ جا شُڪرانا ادا ڪندي چيو آهي ته سياسي انتقام جو هڪ ڪارو دور پنهنجي انجام تي پهتو ۽ بيگناهه سرخرو ٿيا آهن، عدالتي فيصلي سان اها الزام ۽ ڪردارڪشيءَ جي عمارت پَٽِ پئجي وئي، اميد آهي ته منهنجي قائد نواز شريف جي خلاف جج ارشد ملڪ مرحوم جي گواهي تي انصاف جون گهرجون پوريون ٿينديون. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته هو مريم نواز جي بري ٿيڻ تي قائد نواز شريف کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو. اميد آهي ته منهنجي قائد جي خلاف جج ارشد ملڪ مرحوم جي گواهي تي انصاف جون گهرجون پوريون ٿينديون. هن چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪريان ٿو ته مريم ڌيءَ ۽ صفدر پٽ کي آخرڪار انصاف مليو. الله تعاليٰ آڏو اسان جا ڪنڌ شڪر سان جهڪيل آهن، هن اسان کي سرخرو ڪيو آهي. هن چيو ته سياسي انتقام جو هڪ ڪارو دور اڄ انجام تي پهتو ۽ بيگناهه سرخرو ٿيا آهن. مريم نواز شريف ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر بهادري، صبر ۽ ثابت قدمي سان مشڪل ترين حالتن کي منهن ڏنو. عدالتي فيصلي سان ڪوڙ، الزام بازي ۽ ڪردارڪشيءَ جون سڀئي عمارتون پَٽِ پئجي ويون آهن. وزيراعظم چيو ته ايون فيلڊز ريفرنس ۾ مريم نواز جي بريت احتساب جي نام نهاد نظام جي منهن تي زوردار چماٽ آهي جنهن جي ذريعي شريف خاندان کي نشانو بڻايو ويو، عدالت کان بري ٿيڻ تي ڌيءَ مريم ۽ صفدر کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو.