اسلام آباد– 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ مسلم ليگ (ن) جي نائب صدر مريم نواز وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي، وزيراعظم شهباز شريف مريم نواز کي ان جي ۽ ڪيپٽن (ر) صفدر جي بريت تي مبارڪباد ڏني. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته وتعز من تشا وتذل من تشا. الله وڏو ڪرم ڪيو آهي وڏي عزت ڏني آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مريم نواز جي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات جي وڊيو به شيئر ڪئي.