APP24-290922 ISLAMABAD: September 29 - President Dr. Arif Alvi addressing to the ceremony in connection with World Heart Day at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد– 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي دل جي مرض سان ٿيندڙ فوتگين جي شرح کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ عوام ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ ۽ صحتمند طرز زندگي اختيار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ سان بيماري جي خطري کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ملي سگهي ٿي، جنهن سان قومي صحت جي سارسنڀال جي نظام تي به بار گهٽ پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايوان صدر ۾ اسلام آباد جي هڪ نجي اسپتال پاران ورلڊ هارٽ ڊي 2022ع جي مناسبت سان ٿيندڙ سمپوزيم کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ ناليوارن طبي ماهرن ۽ ٻين اهم شخصيتن به شرڪت ڪئي. هلندڙ سال ورلڊ هارٽ ڊي کي ”هر دل جي دل جو استعمال“ جي ٿيم سان ملهايو پيو وڃي جنهن جو مقصد ماڻهن کي مختلف انداز ۾ سوچڻ، صحيح فيصلو ڪرڻ، ٻين جي مدد ڪرڻ ۽ هر دل جي لاءِ قلبي صحت کي حاصل ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ ماڻهن تائين پهچڻ جي ترغيب ڏيڻ آهي. صدر تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ 25 سيڪڙو موت دل جي مرض جڏهن ته سڄي دنيا ۾ 18.6 ملين موت دل جي بيماري ۽ فالج سبب ٿين ٿا. هن چيو ته بلند فشار رت، ذيابيطس، سگريٽ نوشي، غيرصحتمند خوراڪ، ٿولهه ۽ جسماني ورزش نه ڪرڻ دل جي مرض جي اهم سببن ۾ شامل آهن. هن چيو ته ورزش سان گڏوگڏ ميون ۽ ڀاڄين تي ٻڌل صحتمند خوراڪ جو استعمال، ڳاڙهي گوشت، چڪناهي ۽ تريل شين کان پرهيز ۽ تمباڪو نوشي کي ختم ڪرڻ سميت طرز زندگي ۾ تبديلي سان دل جي مرض کي روڪي سگهجي ٿو. صدر موثر ۽ مسلسل آگاهي مهم جي ذريعي بيمارين کان بچاءُ جي طريقن بابت مريضن ۽ عام ماڻهن کي آگاهي ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو ۽ چيو ته اسان کي ماڻهن جي ذهني صحت تي به ترجيح ڏيڻ گهرجي، جيڪي نفسياتي ماهر ۽ دماغي صحت جي سارسنڀال فراهم ڪندڙن جي ناڪافي تعداد سبب علاج کان محروم آهن. هن چيو ته پاڪستان جي آبادي جي هڪ وڏي انگ ۾ مختلف سطحن جي تناءُ ۽ ذهني مرض درپيش آهن، جنهن جو اثر دل جي بيماري جي صورت ۾ سامهون اچي رهيو آهي. صدر ماڻهن تي زور ڏنو ته اهي دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ، دٻاءُ وارن واقعن کان پاسو ڪرڻ ۽ پنهنجي سماجي طرز عمل ۾ نفرت ۽ غيبت کي ختم ڪري دوستن، خاندان، پاڙيسرين، انسانيت ۽ فطرت جي لاءِ محبت ۽ سارسنڀال جو ماحول پيدا ڪن ۽ هر ماڻهو جي ذهني صحت جو بهتر خيال رکن، جيڪو ذهني دٻاءُ کي گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. هن صحت جي سارسنڀال ڪندڙن تي به زور ڏنو ته اهي پنهنجي مريضن جي علاج دوران پنهنجي گفتگو جي مهارت ۽ اخلاقيات کي بهتر بڻائين. صدر چيو ته پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن ۾ طبي نگهداشت جي سهولتن جي فراهمي هڪ وڏو چئلينج آهي، حڪومت ۽ لاڳاپيل کاتا ملڪ ۾ صحت جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ لاءِ موثر طريقي سان ڪم ڪري رهيا آهن ۽ اهي دل جي مريضن کانسواءِ وبائي مرض کي روڪڻ تي به خصوصي ڌيان ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان اڻٿڪ ۽ گڏيل ڪوششن سان ڪورونا جي وبائي مرض تي موثر طريقي سان ضابطو آندو ۽ اسان اهڙي طرح جو طريقو اختيار ڪري دل جي مرض کي گهٽ ڪري سگهون ٿا. صدر جي دل مرض ۽ ان جي خطري جي عملن جي نگراني جي نظام کي بهتر بڻائڻ ۽ قوم کي درپيش چئلينجن موجب صحت جون پاليسيون بڻائڻ تي زور ڏنو. هن چيو ته مقامي طبي تحقيق شروع ڪرڻ سان گڏوگڏ علاج جي لاڳت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مشينري ۽ اوزارن جي مقامي سطح تي ترقي ۽ تياري جي ضرورت آهي ته جيئن مهانگي مشينري جي درآمد سان مالي بار کي گهٽ ڪيو وڃي. هن چيو ته پيدائشي طور تي دل جي بيمارين جي نتيجي ۾ نئين ڄاول ۽ ننڍن ٻارن ۾ صحت جي خرابي آهي. هن پاڪستان جي صحت جي شعبي تي زور ڏنو ته هو ملڪ ۾ جين ايڊيٽنگ جي مقامي ڄاڻ، تحقيق ۽ ترقي طرف ڌيان ڏي ۽ ترقي يافته دنيا ۾ ٿيندڙ تحقيق مان فائدو وٺي ته جيئن پيدائشي بيمارين جي علاج جي لاءِ ناقص جينز کي صحتمند جينز سان تبديل ڪيو وڃي. صدر صحت جي شعبي سان واڳيل ماهرن تي زور ڏنو ته اهي دل جي مرض جي علاج جي طريقيڪار کي آسان بڻائين ته جيئن معاشري جي پٺتي پيل ۽ گهٽ آمدني وارا طبقا به صحت جي سهولتن مان فائدو کڻي سگهن. هن چيو ته پاڪستاني قوم زلزلن، ٻوڏ ۽ ڪورونا وبا سميت وڏين قدرتي آفتن کي منهن ڏنو. قوم دل جي مرض کان بچاءُ جي لاءِ انهي جذبي ۽ ڪوششن جو مظاهرو ڪرڻ جي پوري صلاحيت رکي ٿي. ان موقعي تي اسپتال جي سي اي او هارون نصير به خطاب ڪيو. ان کان اڳ صدر نجي اسپتال ۾ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙ ڊاڪٽرن ۾ شيلڊز به ورهايون.