اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي) عالمي بئنڪ چيو آهي ته پاڪستان هاڻوڪي ٻوڏ سبب سڄي ملڪ ۾ 24 هزار اسڪول تباهه يا متاثر ٿيا آهن. اها ڳالهه عالمي بئنڪ طرفان جاري ڪيل هڪ رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو ته اسڪولن ۽ تعليمي ادارن جي تباهه يا متاثر ٿيڻ جو هڪ اندازي مطابق 35 لک شاگردن ۽ شاگردياڻين جو تعليمي سفر رڪجي ويو آهي. ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ تعليمي نظام کي جيڪو نقصان پهتوآهي ان جي شدت ڪووڊ دوران لاڪ ڊائون سبب اسڪولن جي بندش سان ٿيل نقصان کان وڌيڪ ٿي سگهي ٿو. رپورٽ ۾ ضلعي ڊيرا غازي خان جي گورنمينٽ هاءِ اسڪول احمداڻي جو تفصيلي ذڪر ڪيو ويو جيڪو 1916ع ۾ تعمير ڪيو ويو ۽ ان ڪيترن ئي نسلن کي تعليم ڏني، ڄاڻايل اسڪول مڪمل طور تباهه ٿي چڪو آهي ۽ اتي تعليمي سرگرميون جاري رکڻ ناممڪن آهي. سنڌ صوبي ۾ 39 سيڪڙو پرائمري ۽ سيڪنڊري اسڪولز کي ٻوڏ سبب نقصان پهتو آهي. رپورٽ ۾ ٻُڌايو ويو آهي ته هاڻوڪي تباهه ڪُن ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ تعليمي نظام جي بحالي، تعمير لاءِ مضبوط ڪوششن، وسيلن جي فراهمي ۽ مهارت سان قدمن جي ضرورت آهي.