اسلام آباد– 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سرديءَ جي موسم ۾ گئس جي متوقع طلب جي ڏس ۾ فوري حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي ته اڳوڻي حڪومت ڪورونا جي ڏينهن ۾ عالمي منڊي ۾ سستي گئسن جو فائدو نه کنيو، وقت سر گئس نه خريد ڪري ان قوم سان تمام وڏو ظلم ڪيو، گذريل هڪومت جي وقت سر فيصلا نه ڪرڻ جو خميازو اڄ پورو ملڪ ۽ غريب ماڻهو ڀوڳي رهيا آهن، اڳوڻي حڪومت وانگر ڪنهن به قسم جي بدانتظامي ۽ ڏوهاري غفلت برداشت نه ڪندس. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم پنهنجي صدارت ۾ سرديءَ جي موسم ۾ گئس جي صورتحال تي اڳواٽ حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ طلب ڪيل هنگامي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس کي سرديءَ جي موسم ۾ متوقع طلب ۽ پهچ تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي حڪومت جي موجوده حڪمت عملي ۽ ايندڙ مهينن ۾ گئس جي فراهمي جي لاءِ جوڙيل پلان تي پڻ بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي پيش ڪيل پلان کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ ۽ گهٽ ۽ وچولي مدي واري حڪمت عملي کي ترجيح ڏيڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي، ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار، پيٽروليم واري مملڪتي وزير مصدق ملڪ، صلاحڪار احمد چيما ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف سرديءَ جي موسم ۾ گئس جي متوقع طلب جي ڏس ۾ فوري حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته اڳوڻي حڪومت ڪورونا جي ڏينهن ۾ عالمي منڊي ۾ سستي گئس جو فائدو نه کنيو، وقت سر گئس نه خريد ڪري ان قوم سان تمام وڏو ظلم ڪيو. گذريل حڪومت جي وقت سر فيصلا نه ڪرڻ جو خميازو اڄ پورو ملڪ ۽ غريب ماڻهو ڀوڳي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته آئون گذريل حڪومت وانگر ڪنهن به قسم جي بدانتظامي ۽ ڏوهاري غفلت برداشت نه ڪندس. معيشت ۾ بارودي سرنگهون وڇائيندڙن ملڪ جي هر شعبي تي خودڪش حملا ڪري غريب جي چيلهه ٽوڙي ڇڏي. گهريلو صارفين کي کاڌو پچائڻ جي وقتن ۾ گئس جي بنا رڪاوٽ فراهمي يقيني بڻائي وڃي. موجوده حڪومت انگن اکرن ۽ خالي جاين بدران عملي ۽ سنجيده قدمن تي يقين رکي ٿي.