اسلام آباد– 28 – سيپٽمبر (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي آڊيو ليڪس جي معاملي تي جاچ جي لاءِ اعليٰ اختياراتي ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏيندي جديد ٽيڪنالاجي ۽ سائبر اسپيس جي موجوده تبديل ٿيل ماحول جي ڏس ۾ ۽ گهرجن کي نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي، سيفٽي ۽ سرڪاري ڪميونيڪيشنز جي محفوظ هجڻ کي يقيني بڻائڻ جو جائزو وٺڻ تي اتفاق ڪيو ۽ ان عزم کي ورجايو ته ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ بحالي هڪ قومي ايجنڊا جي طور تي اولين ترجيح رهندي. وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اهم اجلاس وزيراعظم هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ وفاقي وزيرن کانسواءِ سروسز چيفس، حساس ادارن جي سربراهن ۽ ٻين اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ملڪ ۾ تاريخي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ريسڪيو ريليف جي قدمن ۽ سلامتي جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ 14 جون 2022ع کان سڄي ملڪ ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ فوتگين تي افسوس جو اظهار ڪندي پونئيرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ويو ۽ فاتحه خوانه ڪئي وئي. قومي سلامتي ڪميٽي 3 ڪروڙ 30 لک کان وڌيڪ ٻوڏ متاثرين جي فوري امداد، محفوظ جاين تي منتقلي، خوراڪ، علاج ۽ ضروري شين جي فراهمي جي قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو. قومي سلامتي ڪميٽي ٻوڏ متاثرين جون زندگيون بچائڻ، متاثرين جي محفوظ علائقن ۾ منتقلي ۽ ٻوڏ ۾ گهيريل ماڻهن تائين خوراڪ ۽ ٻين شين جي فراهمي بشمول ايڊمنسٽريشن ۽ ادارن سان خاص طور تي آرمي، نيوي ۽ فضائيه جي ڪردار کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ مشڪل ترين حالتن ۾ خدمت جي جذبي کي ساراهيو. قومي سلامتي ڪميٽي سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ سرندي وارن جي جذبي ۽ ايثار جي پڻ ڀرپور تحسين ڪئي ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته ان خير جي ڪم ۾ اهي انهي جذبي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا. قومي سلامتي ڪميٽي ٻوڏ متاثرين جي مدد دوران بلوچستان، لسٻيلا ۾ آرمي ايوي ايشن جي هيليڪاپٽر جي حادثي ۾ شهيد ٿيندڙ آفيسرن ۽ جوانن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ چيو ته قوم پنهنجي شهيدن ۽ انهن جي گهرڀاتين کي سلام پيش ڪري ٿي. قومي سلامتي ڪميٽي ان عزم کي ورجايو ته ٻوڏ متاثرين جي امداد ۽ بحالي هڪ قومي ايجنڊا طور تي اولين ترجيح رهندي ۽ ملڪ واسين جي ٻيهر آبادڪاري تائين انهي جذبي، ڌيان ۽ حصيداري عمل کي برقرار رکندي خدمتن ۽ قدمن جو سلسلو جاري رهندو. پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود وزيراعظم کي ازبڪستان ۾ تازي شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ملڪي سربراهن جي ڪائونسل ۽ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت جي حوالي سان اجلاس کي بريفنگ ڏني. هن مختلف ملڪن جي سربراهن سان وزيراعظم جي ٿيندڙ ملاقاتن بابت پڻ آگاهه ڪيو. قومي سلامتي ڪميٽي آڊيو ليڪس جي معاملي تي غور ڪيو. حساس ادارن جي سربراهن اجلاس کي وزيراعظم هائوس سميت ٻين اهم جاين جي سيڪيورٽي، سائبر اسپيس ۽ ان سان لاڳاپيل ٻين رخن تي تفصيلي بريفنگ ڏني. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سوشل ميڊيا تي گردش هيٺ آڊيوز جي معاملي تي جاچ ڪئي پئي وڃي. وزيراعظم هائوس جي سيڪيورٽي سان لاڳاپيل ڪجهه رخن جي نشاندهي ڪئي وئي ۽ انهن جي تدارڪ جي لاءِ فول پروف انتظامن بابت ٻڌايو ويو. اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته وزيراعظم هائوس سميت ٻين اهم جاين، عمارتن ۽ وزارتن جي سيڪيورٽي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هنگامي قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي نوعيت جي ڪنهن صورتحال کان بچي سگهجي. قومي سلامتي ڪميٽي مشاورت کانپوءِ سائبر سيڪيورٽي سان لاڳاپيل ”ليگل فري ورڪ“ جي تياري جو فيصلو ڪيو ۽ ان ڏس ۾ قانون ۽ انصاف واري وزارت کي ليگل فريم ورڪ جي تياري جي هدايت ڪئي. قومي سلامتي ڪميٽي آڊيو ليڪس جي معاملي جي جاچ لاءِ اعليٰ اختياراتي ڪميٽي جوڙڻ جي منظوري ڏني. گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خان ان ڪميٽي جو سربراهه هوندو. قومي سلامتي ڪميٽي اتفاق ڪيو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ سائبر اسپيس جي موجوده تبديل ٿيل ماحول جي ڏس ۾ ۽ گهرجن نظر ۾ رکندي سيڪيورٽي، سيفٽي ۽ سرڪاري ڪميونيڪيشنز جي محفوظ هجڻ کي يقيني بڻائڻ جو جائزو ورتو وڃي ته جيئن سيڪيورٽي نظام ۾ ڪير رڪاوٽ نه وجهي سگهي.