اسلام آباد-29 سيپٽمبر (اي پي پي ) ورلڊ هيلٿ آرگنائزيشن جي هيلٿ ايمرجنسي پروگرام جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر مائيڪ ريان ، پاڪستان م عالمي صحت واري اداري جي نمائندي ڊاڪٽر پاليٿا مهيپا ، ۽ ڊبليو ايڇ او جي ٽيم بلوچستان جي نصير آباد ڊيويزن ۾ ٻوڏ متاثر ضلعن جو دورو ڪيو ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ ايمبولينس ۽ ٻين طبي سامان عطئي طور ڪمشنر نصير آباد ڊيويزن جي حوالي ڪيو ان موقعي تي وزارت قومي صحت جي سيڪريٽري حافظ طاهر ۽ ڪمشنر نصير آباد ڊيويزن بشير بنگلزئي ڊيويزن جي مختلف ضلعن ۾ ٻوڏ صورتحال ۽ ٻوڏ سبب پکڙجندڙ بيمارين جي باري ۾ بريفنگ ڏني جڏهن ته چيف سيڪريٽري بلوچستان عبدالعزيز عقيلي وڊيولنڪ ذريعي ڊاڪٽر ريان ۽ ان جي ٽيم کي بلوچستان اچڻ تي خوش آمديد چيو چيف سيڪريٽري ضرورت وقت صحت کاتي جي مدد ڪندي علائقي ۾ ڊبليو ايڇ او جي ڪردار کي ساراهيو ڊبليو ايڇ او پاران وڌيڪ مدد ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪندي ڊاڪٽر ريان چيو ته اسان کي دنيا کي ٻڌائڻو آهي ته بي گهر لکين ماڻهون بحران جو شڪار آهن ان موسمياتي آفت سبب حقيقي ضرورتون اسان وسيلا پئسا ماڻهن ۽ سامان جي ڳولا لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪرڻ لاءِ پر عزم آهيون هڪ مڪمل آپريشن هجڻ کپي اسان وٽ وقت ضايع ڪرڻ جو ڪو به موقعو ناهي جيڪڏهن اسان وقت ضايع ڪيون ٿا ته مري وينداسين صحيح ڌيان نه ڏنو ويو ته ماڻهن جو مشڪلاتون وڌي وينديون ان ڪري اسان کي هڪ وقت ۾ گهڻا ڪم ڪرڻا پوندا . ڊاڪٽر ريان وڌيڪ چيو ته نصير آباد ڊيويزن بلوچستان جي مشهور آبپاشي ۽ زرعي ڊيويزن مان هڪ آهي هي صوبو بلوچستان کي سنڌ سان ملائي ٿو . پاڪستان شديد برساتن ۽ ٻوڏ سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر علائقو آهي. گهڻا ماڻهون اجل جو شڪار ٿيا آهن هزارين گهر ، مال ۽ زراعت کان محروم ٿي ويا آهن . گهرن جي تباهي سبب ماڻهن روڊن تي پناهه ورتي آهي شديد برساتن سبب ٻوڏ ريلن سبب نه صرف زراعت ۽ گهر تباهه ٿيا ۽ علائقي ۾ طرح طرح جون بيمريو پکڙجڻ لڳيون جنهن ۾ مليريا ٽائيفائيڊ ، هيضو ۽ پيئڻ جو پاڻي ۽ غير صحت بخش خوراڪ سبب بيماريون پکڙجڻ لڳيون .