ڪراچي _29 سيٽمبر (اي پي پي ) اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ اعلان ڪيو آهي ته ٻوڏ متاثرن جي ٻارن کي ڪيمپن ۾ پڙهائيندڙ شاگردياڻي دعا تينيو جو تعليمي خرچ سنڌ حڪومت ادا ڪندي . هن پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته سنڌ حڪومت دعا تينيو جي ميڊيڪل تعليم جو خرچ ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي . سنڌ حڪومت خيمه بستي حيدرآباد ۾ دعا تينيو جي ڪردار کي ساراهيو ، جنهن ٻوڏ متاثرن جي ٻارن کي رضاڪاراڻي طورتي مفت تعليم فراهم ڪئي .