نيويارڪ – 29 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته چين طرفان ملڪ جي ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي ڪوششون بي مثال آهن. پاڪستان جي سفير منير اڪرم گڏيل قومن ۾ چيني سفير زانگ جون جي ميزباني ۾ منعقد هڪ ورچوئل آجياڻي کي خطاب ڪندي پاڪستان جي ٻوڏ متاثر ماڻهن جي مدد لاءِ چين جي ڪردار جي ساراهه ڪندي چيو ته ان ڏکئي وقت ۾ چين طرفان پاڪستان جي مدد بي مثال آهي ۽ اها چين طرفان پاڪستان جي مستقل حمايت کي ثابت ڪري ٿي. هن چيو ته چين 30 سالن ۾ لازوال ترقي ڪئي خاص طور تي 700 ملين ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته چين جون پاليسيون گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن تي ٻڌل آهن. هن واضح ڪيو ته چين ۽ پاڪستان قابل اعتماد دوست آهن. هن چيو ته اسان پاڪستان جي اقتصادي ۽ سماجي ترقي ۽ جديد ڪاري لاءِ چين جي مسلسل ۽ اهم حمايت جي قدر ڪريون ٿا. سفير اڪرم ان ڳالهه کي اجاگر ڪندي چيو ته سي پيڪ (چين پاڪستان اقتصادي راهداري) ٻه طرفا سهڪار جي بهترين مثال آهي.