اسلام آباد– 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان مصر جي ناليواري قاري محمود انور الشحات ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ جمعيت علماءِ اسلام (ف) جو سربراهه مولانا فضل الرحمان ۽ مواصلات وارو وفاقي وزير مولانا اسعد محمود پڻ موجود هئا. ان موقعي تي مصر جي ناليواري قاري محمود انور الشحات پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن تي همدردي ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هي پاڪستان ۾ 2006ع کانپوءِ سندس ٻيو دورو آهي جنهن ۾ هو ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ويندو.