اسلام آباد– 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اسلام آباد ۾ آمريڪي سفارتخاني ۾ پاڪ آمريڪا لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ٻوڏ ۾ فوت ٿيندڙن ۽ ٻين متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تقريب ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف کانسواءِ پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم، وفاقي وزيرن ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب جي شروع ۾ پاڪستان جي ٻوڏ سٽيلن سان يڪجهتي طور هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي.