نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪي پرڏيهي وزير انتوني بلنڪن جي والد جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن آنجهاني جي گهرڀاتين سان افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڪنهن به عمر ۾ والد کي وڃائڻ اولاد جي زندگي ۾ مشڪل وقت هوندو آهي، اسان ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ ساڻس همدرديءَ جو اظهار ڪريون ٿا.