نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف دنيا کي پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلي جي ڪري ٻوڏ جي تباهين کان آگاهه ڪندي چيو آهي ته ٻوڏ سبب پاڪستان جو ٽيون حصو ٻڏل آهي، عالمي گرمي پد جي تباهي آڻيندڙ اثرن پاڪستان ۾ زندگي کي سدائين جي لاءِ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، پاڪستان جي عوام عالمي گرمي پد جي قيمت ادا ڪري رهي آهي، قومي سلامتي جي تعريف هاڻي بدلجي وئي آهي، قدرتي آفتن جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ عالمي برادري کي هڪ ٿيڻو پوندو ۽ مستقبل جي حڪمت عملي جوڙڻ جي لاءِ گڏجي ويهڻو پوندو نه ته جنگين جي لاءِ ڪو ميدان باقي نه رهندو، ڀارت مظلوم ڪشميري عوام جو حق غصب ڪرڻ جي لاءِ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير کي دنيا جو سڀ کان وڏو فوجي علائقو بڻائي ڇڏيو آهي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير تڪرار جي حل تائين ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل رهنداسين، جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي، تڪرارن کي پرامن ڳالهين سان ئي حل ڪري سگهجي ٿو، اسان کي پنهنجي وسيلن جو رخ عوام طرف موڙڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم پنهنجي تقرير جي شروعات قرآن پاڪ جي آيتن سان ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اڄ جڏهن آئون پنهنجي ملڪ پاڪستان جو احوال ٻڌائڻ جي لاءِ هتي بيٺو آهيان پر منهنجي دل ۽ دماغ هن وقت به منهنجي ملڪ ۾ آهن، اسان جنهن صدمي مان گذري رهيا آهيون، ان کي لفظن ۾ بيان نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته موسمياتي آفت سان ايندڙ تباهي بابت دنيا کي اصل حقيقتن کان آگاهه ڪرڻ هتي آيو آهيان جنهن سان منهنجي ملڪ جو ٽيون حصو پاڻي هيٺ آهي. وزيراعظم چيو ته 40 ڏينهن ۽ 40 راتين تائين هڪ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ اسان تي مڙهيل رهي جنهن صدين جو موسمياتي رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي، اڄ به ملڪ جو وڏو حصو پاڻي ۾ ٻڏل آهي، عورتن ۽ ٻارن سميت 33 ملين ماڻهو هاڻي صحت جي خطرن ۾ ورتل آهن جن ۾ ساڍا 6 لک حاملا عورتون شامل آهن. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪري 1500 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن جن ۾ 400 کان وڌيڪ ٻار به شامل آهن، ڪيترائي ئي بيمارين ۽ غذائي کوٽ جي خطري ۾ آهن. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪري ماڻهن کي جاني نقصان کڻڻو پيو، 370 پليون، تباهه، 10 لک چوپايو مال مري ويو. وزيراعظم چيو ته شروعاتي ڪاٿو ٻڌائي ٿو ته ٻوڏ جي ڪري 13 هزار ڪلوميٽر کان وڌيڪ رستن کي نقصان پهتو آهي، چار ملين ايڪڙ فصل لُڙهي ويا، لکين بي گهر ماڻهو اڃا به پنهنجي خاندان، مستقبل ۽ انهن جي روزگار جي ذريعن کي پهچندڙ نقصانن سان گڏ پنهنجا خيما لڳائڻ جي لاءِ خشڪ زمين جي ڳولا ۾ آهن. هن چيو ته ماحولياتي آلودگي جي ڪري پاڪستان متاثر ٿي رهيو آهي، پاڪستان ۾ اهڙي طرح جي قدرتي آفت کي ناهي ڏٺو، اسان کي اڳ ۾ وڌندڙ گرمي پد ۽ هاڻي ٻوڏ درپيش آهي جڏهن ته دنيا ۾ جيڪو ڪاربن فضا ۾ موڪليو پيو وڃي، پاڪستان ۾ ان جو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، اسان کي جيڪي مسئلا درپيش آهن انهن جو سبب اسان نه آهيون. وزيراعظم چيو ته پاڪستان گلوبل وارمنگ جي اثرن جو ان کان وڏو ۽ تباهي آڻيندڙ مثال ڪڏهن ناهي ڏٺو جتي زندگي سدائين جي لاءِ بدلجي وئي آهي. هن چيو ته هن آفت دوران مون پنهنجي تباهه حال ملڪ جي هر ڪنڊڪڙڇ جو دورو ڪيو ۽ وقت گذاريو، پاڪستان ۾ ماڻهو پڇن ٿا ته انهن سان ائين ڇو ٿيو؟ ناقابل ترديد ۽ تڪليف ڏيندڙ حقيقت اها آهي ته اها آفت اسان جي ڪري ناهي آئي پر اسان جا گليشيئرز تيزي سان وگهري رهيا آهن، ٻيلا سڙي رهيا آهن ۽ گرمي جي لهر 53 ڊگري سينٽي گريڊ کان مٿي هلي وئي آهي جيڪا ان کي زمين جي گرم ترين جڳهه بڻائي رهي آهي. وزيراعظم چيو ته تباهي آڻيندڙ چوماسي مان گذري رهيا آهيون، جيئن ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ان کي انتهائي مناسب طريقي سان بيان ڪيو آهي، هڪ ڳالهه تمام واضح آهي ته جيڪو ڪجهه پاڪستان ۾ رونما ٿيو آهي، اهو پاڪستان تائين محدود نه رهندو. هن چيو ته پنهنجي قوم پاران مشڪل وقت ۾ مدد ڪندڙن جا ٿورا مڃان ٿو، آئون گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو پاڪستان جي دوري تي ٿورائتو آهيان، سيڪريٽري جنرل پنهنجي اکين سان ٻوڏ متاثرين کي ڏٺو آهي. هن چيو ته ترقياتي فنڊ جو حصو به ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪمن تي خرچ ڪري رهيا آهيون، ٻوڏ متاثرين ۾ 70 ارب جي رقم ورهائي وئي.