
ڪراچي – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستان ۽ انگلينڊ جو مئچ اسٽيڊيم ۾ وڃي ڏٺو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب پي سي بي چيئرمين رميز راجا صدر جو نيشنل اسٽيڊيم اچڻ تي استقبال ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي خوش آئنده آهي، ان ڏس ۾ صدر پي سي بي سميت سمورن ادارن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن پاڪستان ۽ انگلينڊ جي وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز منعقد ڪرڻ کي پڻ ساراهيو.