APP61-230922 NEW YORK: September 23 - Foreign Minister of Pakistan Bilawal Bhutto Zardari chairing the Group of 77 & China in Ministerial Meeting of Foreign Affairs on the sidelines of the 77th session of the United Nations General Assembly. Secretary General of the UN António Guterres also participated in the Meeting. APP

نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري اسرندڙ ملڪن کي درپيش مسئلن ۽ بحرانن جي حل جي حوالي سان ست نقطن تي ٻڌل تجويزون پيش ڪندي چيو آهي ته اسان کي هڪ اهڙي عالمي ڍانچي ۽ پاليسين کي فروغ ڏيڻو پوندو جن سان دنيا مان اڻبرابري جو خاتمو ممڪن بڻائي سگهجي، عالمي معاشي نظام کي ترقي جي هدف سان ڳنڍڻو پوندو جڏهن ته عالمي موسمياتي تبديلين جي ڏس ۾ هڪجهڙيون پاليسيون ديانتداري سان لاڳو ڪرڻيون پونديون، اسرندڙ ملڪن جي لاءِ دنيا جي واپاري نظام کي ٻيهر جوڙيو وڃي ته جيئن اهي دنيا ۾ ترقي جي هدفن کي مڪمل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي. نيويارڪ ۾ جي – 77 ۽ چين جي وزارتي اجلاس 2022ع کي سربراهي خطاب ڪندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وڌندڙ تڪرارن، ضرورت جي مهانگي شين، موسمياتي تبديلي ۽ وبائن سان سڄي دنيا جا اسرندڙ ملڪ هڪ سخت دور مان گذري رهيا آهن. انهن مسئلن جي حل لاءِ پرڏيهي وزير ست نقطن تي ٻڌل تجويزون پيش ڪندي چيو ته اقتصادي دٻاءُ جو شڪار دنيا جي 50 کان وڌيڪ اسرندڙ ملڪن کي معاشي مدد جي لاءِ عالمي برادري کي متحرڪ ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته عالمي برادري کي اسرندڙ ملڪن ۾ غذائي بحران جو شڪار دنيا جي 250 ملين ماڻهن کي فوري طور تي کاڌي پيتي جي شين جي فراهمي ممڪن بڻائڻي پوندي، اسان کي اسرندڙ ملڪن جو توانائي جي درامدات جو بار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ رستا ڳولڻا پوندا. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان جو ٽيون حصو پاڻي هيٺ آهي جيڪو پوري برطانيا جي ايراضي جي برابر آهي، پاڪستان ۾ ٻوڏ سان هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿيا جڏهن ته هزارين زخمي ٿيا آهن، 3 ڪروڙ 30 لک ماڻهو سڌوسنئون متاثر ٿيا جڏهن ته موسمياتي تبديلي جي اثرن 6 ڪروڙ پاڪستانين کي متاثر ڪيو آهي. هن چيو ته تازي ٻوڏ جي ڪري 17 لک گهر، 12 هزار ڪلوميٽر تي ٻڌل رستا، 350 پليون ۽ 50 لک ايڪڙ فصل تباهه ٿي چڪا آهن، پاڪستان ۾ ٻوڏ سان اٽڪل 30 بلين ڊالر جو نقصان ٿيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان گروپ 77 جي ملڪن سميت عالمي برادري جا ٿورائتا آهيون جو انهن پاڪستان جي موسمياتي تبديلي سان ٿيندڙ تباهي سان ايندڙ بحران ۾ مدد ڪئي. پرڏيهي وزير چيو ته اسان کي هڪ اهڙي عالمي ڍانچي ۽ پاليسين کي فروغ ڏيڻو پوندو ته دنيا مان اڻبرابري جو خاتمو بڻائي سگهجي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري بلڪل صحيح چيو آهي ته موجوده عالمي معاشي نظام اخلاقي طور تي ڏيوالپڻو ٿي چڪو آهي، دنيا جي عالمي معاشي نظام کي ترقي جي هدفن سان ڳنڍڻو پوندو، جيڪڏهن دنيا کي هڪ مستحڪم عاليم معيشت گهرجي ته ان جي لاءِ توانائي، ٽرانسپورٽ، رهائش، صنعت ۽ زراعت جي شعبن ۾ ساليانو هڪ کرب ڊالر جي سيڙپڪاري کي ممڪن بڻائڻو پوندو. هن چيو ته دنيا کي عالمي موسمياتي تبديلين جي ڏس ۾ هڪ جهڙين پاليسين کي ديانتداري سان لاڳو ڪرڻو پوندو. پرڏيهي وزير چيو ته اسرندڙ ملڪن جي لاءِ دنيا جي واپاري نظام کي ٻيهر جوڙڻو پوندو ته جيئن اهي دنيا ۾ ترقي جي هدفن کي مڪمل ڪرڻ ۾ مددگار ٿي سگهي، اسرندڙ ملڪن جي واپار ۽ سيڙپڪاري ۾ اضافي جي لاءِ رستن جا منصوبا اهم آهن، چين جو اقتصادي لنگهه جو منصوبو ان جو اهم مثال آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان کي دنيا ۾ اڻبرابري ۽ غربت کي فروغ ڏيندڙ نظام کي هاڻي تبديل ڪرڻو پوندو. ان موقعي تي پرڏيهي وزير جي – 77 جي سمورن ميمبرن ۽ چين پاران هلندڙ سال دوران گروپ جي چيئر طور پاڪستان تي اعتماد جي اظهار ۽ تعاون تي ٿورا مڃيا. واضح رهي ته پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري دنيا جي نوجوان پرڏيهي وزيرن جي ڪانفرنس جي سربراهي کانسواءِ اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن جي اجلاس جي صدارت پڻ ڪري چڪو آهي.