نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف آمريڪي پرڏيهي وزير انتوني بلنڪن جي والد جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. هن آمريڪي پرڏيهي وزير انتوني بلنڪن جي ٽوئيٽ کي ري ٽوئيٽ ڪندي سندس والد جي لاڏاڻي تي افسوس جو اظهار ڪيو. وزيراعظم چيو ته جهڙي طرح توهان جي ٽوئيٽ مان ظاهر ٿئي ٿو ته ان جي پوري زندگي ٻين جي خدمت لاءِ گذري، مون کي يقين آهي ته ان کي توهان تي فخر هوندو، آئون توهان ۽ توهان جي گهرڀاتين جي لاءِ دعاڳو آهيان.