نيويارڪ – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف عوام خاص طور تي ٻوڏ متاثرين کي ريليف جي فراهمي لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪري رهيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف ٻوڏ کان متاثر ماڻهن جي لاءِ وڏي ريليف پئڪيج جو اعلان ڪيو آهي جنهن ۾ ايمرجنسي ڪيش امداد ۽ بجلي سميت ٻين شين تي سبسڊي شامل آهي. پرڏيهي نيوز چينل سان ڳالهائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ اتحادي حڪومت پاران مائيڪرو ۽ ميڪرو اڪنامڪ پاليسيون ٺاهيون پيون وڃن جنهن جو سمورو فوڪس عوام خاص طور تي ٻوڏ متاثرين آهن. هن چيو ته اتحادي حڪومت جي هر فيصلي جو مرڪز عوام آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته روس يوڪرين جنگ جهڙن عالمي مسئلن جي نتيجي ۾ پاڪستان سميت پوري دنيا کي مهانگائي جهڙي وڏي مسئلي کي منهن ڏيڻو پيو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي موجوده معاشي مسئلن جي ذميوار پاڪستان تحريڪ انصاف جي گذريل حڪومت آهي، موجوده حڪومت کي درپيش وڏو چئلينج رڳو مهانگائي نه آهي پر اڳوڻي حڪومت جي نااهلي جي ڪري ڪيترائي چئلينجز اسان کي درپيش آهن.