اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بئنڪنگ محتسب جي فيصلن جي خلاف هڪ نجي بئنڪ جي 5 جدا جدا اپيلن کي اڪلائيندي بئنڪ پاران پنهنجي صارفين جي شڪايتن جي ازالي ۽ بئنڪنگ محتسب جي فيصلن تي عملدرآمد جي پاليسي کي ساراهيندي چيو آهي ته اهڙي طرح عوام جي وقت ۽ خرچ سان گڏوگڏ غيرضروري قانوني چاره جوئي کان پڻ بچي ٿي آهي. هن ملڪ جي نجي بئنڪن تي وڌيڪ زور ڏنو ته اهي بئنڪ فراڊ جي متاثرين کي وقت سر ريليف فراهم ڪن، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي ضابطن تي عمل ڪن ۽ غيرضروري قانوني چاره جوئي کان پاسو ڪندي سرڪاري ادارن ۽ انصاف جي ٻين فورمز سان گڏوگڏ پنهنجو وقت ۽ وسيلا به بچائين. صدر پنهنجي 5 جدا جدا فيصلن ۾ حبيب بئنڪ لميٽيڊ پاران تڪراري بئنڪنگ ڏيتي ليتي جي معاملن کي گڏيل رضامندي سان طئي ڪرڻ ۽ پنهنجي صارفين کي انهن جي وڃايل رقم پنهنجي مثبت عوام دوست بئنڪنگ پاليسي تحت ادا ڪرڻ تي ساراهيو. صدر پنهنجي فيصلن ۾ قرار ڏنو ته جيئن حبيب بئنڪ اڳ ۾ ئي پنهنجي صارفين کي تڪراري رقم ادا ڪري چڪي آهي ۽ معاملا خوش اسلوبي سان حل ٿي چڪا آهن، ان لاءِ بئنڪنگ محتسب جي فيصلن جي خلاف بئنڪ پاران داخل ڪيل درخواستون بي معنيٰ ٿي ويون آهن. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ پاران جاري تفصيل موجب 5 مختلف شڪايتون ڪندڙن دوکيبازي، غيرمجاز رقم جي منتقلي، اي ٽي ايم جي خرابي، يا ڊيجيٽل مواد جي آن لائين خريداري جي نتيجي ۾ پنهنجي بئنڪ اڪائونٽس مان 32000 رپين کان وٺي 150000 رپين تائين جي رقم وڃائي هئي. شڪايت ڪندڙن پنهنجي وڃايل رقم جي واپسي لاءِ جدا کان بئنڪن سان رجوع ڪيو هو، جڏهن ته انهن کي ڪو ريليف نه مليو جنهن جي نتيجي ۾ انهن پنهنجي رقم جي واپسي لاءِ بئنڪنگ محتسب سان رجوع ڪيو. بئنڪنگ محتسب حبيب بئنڪ لميٽيڊ کي وڃايل رقم شڪايت ڪندڙن جي کاتن ۾ ڪريڊٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جنهن کانپوءِ بئنڪ صدر وٽ اپيلون داخل ڪيون جڏهن ته ٻڌڻين دوران بئنڪ جي قانوني صلاحڪار ٻڌايو ته شڪايت ڪندڙن ۽ حبيب بئنڪ لميٽيڊ جي وچ ۾ گڏيل رضامندي سان حل ٿي چڪو آهي. ڪيس جي حقيقتن ۽ حبيب بئنڪ لميٽيڊ جي پاليسي موجب ڪيسز جي حل کي نظر ۾ رکندي صدر اپيلن کي اڪلائي ڇڏيو.