اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پي ٽي وي فلم ڊويزن ۽ پاڪ فلڪس پراجيڪٽ جو افتتاح ڪري ڇڏيو، پي ٽي وي فلم ڊويزن جو مقصد نوجوانن جي فلم سازي ۾ مصروفيت کي فروغ ڏيڻ آهي، پاڪ فلڪس پراجيڪٽ ۾ پي ٽي وي جي مواد کي آن لائن ڪيو ويندو. پي ٽي وي فلم ڊويزن جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته 2017ع ۾ پي ٽي وي فلم ڊويزن تي ڪم شروع ڪيو هو، 2018ع ۾ ڪابينا جي منظوري سان پاڪستان جي پهرين فلم پاليسي جو آغاز ڪيو. هن چيو ته قيام پاڪستان جا 70 سال مڪمل ٿيڻ تي جمال شاهه پاڪستان جي پهرين ڪلچر پاليسي تيار ڪئي هئي، وفاقي وزير چيو ته بدقسمتي سان ملڪ ۾ فلم کي انڊسٽري جو درجو حاصل نه هو، 2018ع ۾ اسان نه رڳو فلم پاليسي ٺاهي پر پهريون ڀيرو فلم، ڪلچر سيڪٽر ۽ سمورن اسٽيڪ هولڊرز کي ان ۾ شامل ڪري هڪ جامع مسودو ۽ فلم انڊسٽري کي صنعت جو درجو ڏنو، هن چيو ته پهرين فلم پاليسي ۾ فلم انڊسٽري کي ٽيڪس مراعتن ۽ سينما لاءِ انفرااسٽرڪچر مراعتون شامل هيون پر بدقسمتي سان اڳوڻي دور ۾ فلم پاليسي تي ان جي روح موجب عمل نه ٿي سگهيو. هن چيو ته پي ٽي وي اسڪرين معاشري جي لاءِ بيانيو جوڙيندي آهي، پي ٽي وي پنهنجي مضبوط بنيادن جي ڪري اڄ تائين پنهنجي ساک قائم رکي آهي، هن چيو ته حڪومت هڪ اهڙو پليٽ فارم مهيا ڪرڻو آهي جتي سمورن اسٽيڪ هولڊرز گڏ ٿي سگهن. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي جو مينڊيٽ قومي بيانيو جوڙڻ آهي، پي ٽي وي کي ان ڊوڙ ۾ شامل ناهي ٿيڻو جيڪا ان جي نه آهي، مريم اورنگزيب چيو ته هن ملڪ دهشتگردي جي جنگ وڙهي آهي جنهن جو وڏو داستان آهي، اسان کي معاشري کي ان جي اثرن کان محفوظ رکڻو آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڊگهي مدي واري ريفارمز ضروري آهي، پهرين به اهڙا قدم کنيا جنهن سان مواد کي فروغ ملي سگهي، اطلاعات واري وزير چيو ته هن وقت ٽيڪنالاجي ايڊوانس ٿي چڪي آهي، سينما گرافي به بهتر آهي پر مواد جي کوٽ آهي، هن چيو ته نجي چئنلز، فلم ڊاڪٽيومينٽري ۾ ٻارن جي مواد جي کوٽ جي ڪري اسان جا ٻار غير ملڪي مواد ڏسندا آهن، هن چيو ته پي ٽي وي ۾ ٻارن جي مواد بابت قدم کنيا پيا وڃن، هن چيو ته پاڪستان جي عوام جي آگاهي لاءِ خبرن جي اصل حقيقت پهچائڻ ضروري آهي جڏهن ته عوام جي تفريح جي حوالي سان ڊيمانڊ کي پورو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته پي ٽي وي فلم جو مقصد نوجوانن جي مشغوليت کي وڌائڻ آهي، پي ٽي وي فلم ڊويزن سان گڏوگڏ پاڪ فلڪس پراجيڪٽ به شروع ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ پي ٽي وي ۽ فلم جو سمورو آرڪائيو موجود هوندو، پاڪستان کان ٻاهر ويٺل ماڻهو به ان مان لاڀ پرائي سگهندا، هن چيو ته پاڪستان جي 75 سالا تقريبن جي موقعي تي اهو پراجيڪٽ اڄ کان شروع ٿي رهيو آهي، هن چيو ته فلم سياحت کي فروغ ڏيڻ جو اهم ذريعو آهي، پي ٽي وي فلم ڊويزن جو اولين مقصد اهو ئي آهي ته هو سياحت کي فروغ ڏئي. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير بٽڻ دٻائي پي ٽي وي فلم جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري شاهيره شاهد، ايم ڊي پي ٽي وي، سينئر اداڪار جمال شاهه، ليليٰ زبيري ۽ اطلاعات واري وزارت جا اعليٰ عملدار به موجود هئا.