اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي خيبرپختونخوا جي عوام کي سستي اٽي جي فراهمي جي واعدي تي عملدرآمد ڪندي خيبرپختونخوا ۾ ”شهباز اسپيڊ“ سان سستي اٽي جي فراهمي شروع ڪئي وئي آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم جي سستي اٽي جي فراهمي جو واعدو پورو ٿيڻ جا تفصيل جاري ڪري ڇڏيا. هن ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف جي حڪم تي خيبرپختونخوا ۾ 40 روپيا في ڪلو اٽي جي فراهمي جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ 100 موبائيل اسٽورز ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، عوام کي سستي اٽي جي فراهمي لاءِ خيبرپختونخوا صوبي کي ايبٽ آباد ۽ پشاور زونز ۾ ورهايو ويو آهي. سستي اٽي جي فراهمي جو منظم سلسلو آهستي آهستي پوري خيبرپختونخوا ۾ وڌايو ويندو. ايبٽ آباد ۽ پشاور زون ۾ اٽي جا 50 هزار کان وڌيڪ ٿيلها ورڪرو ڪيا ويا، ايبٽ آباد ۽ پشاور زونز ۾ ڌار ڌار موبائيل اسٽورز جي ذريعي سستو اٽو فراهم ڪيو پيو وڃي، هن ٻڌايو ته ايبٽ آباد ۾ ٻن ڏينهن دوران سستي اٽي جا 22 هزار 70 ٿيلها وڪرو ڪيا ويا جڏهن ته پشاور زون ۾ ٻن ڏينهن ۾ سستي اٽي جا 23 هزار 400 کان وڌيڪ ٿيلها وڪرو ڪيا ويا، هن ٻڌايو ته خيبرپختونخوا جي عوام کي 40 روپيا في ڪلو اٽي جي فراهمي لاءِ 13 جون تائين موبائل اسٽورز جو تعداد وڌائي 200 ڪيو ويندو، 9 جون تائين خيبرپختونخوا صوبي ۾ اٽي جي وڪري جي عارضي سيل پوائنٽس به ڪم شروع ڪري ڇڏينديون، 17 جون تائين خيبرپختونخوا ۾ ان عارضي سيل جو تعداد وڌائي 500 ڪيو ويندو، خيبرپختونوا ۾ سستي اٽي جي وڪري جي 993 جاين کي 2000 تائين وڌايو ويندو. وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم شهباز شريف خيبرپختونخوا جي غيور عوام سان پنهنجو واعدو پورو ڪري ڏيکاريو آهي، خيبرپختونخوا جي بهادر عوام جي زندگين ۾ آساني آڻڻ ۽ 8 سالن کان ان جي صوبي ۾ رڪيل تري جي عمل کي به انشاءُ اڳتي وڌائيداسين.