اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وفاقي حڪومت نئين مالي سال 23 -2022ع لاءِ وفاقي بجيٽ جمعي تي پارليامينٽ ۾ پيش ڪندي جنهن ۾ درپيش ملڪي ۽ عالمي منظرنامي جي ڏس ۾ مالي ۽ معاشي استحڪام، خساري ۾ گهٽتائي، روانگي واپار ۾ اضافو ۽ درآمدات جي متبادل مقامي منصوبن جي تياري، ڪاروبار سيڙپڪاري ۾ آساني ۽ زراعت جي فروغ تي ڌيان ڏنو ويو آهي. ناڻي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مفتاح استعمال قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيس ڪندو، ذريعن موجب نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ کي ڪووڊ – 19 جي عالمگير وبا ۽ روس ۽ يوڪرين تڪرار جي ڪري سڄي دنيا ۾ پيدا ٿيندڙ معاشي مشڪلاتن ۽ مسئلن ۽ ملڪي سطح تي درپيش مالياتي چئلينجن کي سامهون رکندي ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي، بجيٽ ۾ عوام جي مشڪلاتن کي گهٽ ڪرڻ، زرعي شعبي جي ترقي ۽ ان شعبي کي جديد رخن تي هموار ڪرڻ، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ان شعبي جي برآمدات ۾ اضافي، صنعتي ترقي ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري لاءِ بهترين ۽ سازگار ماحول جي فراهمي کي خصوصي اهميت ڏني وئي آهي، مالياتي انتظام ۽ اهتمام کي مضبوط ڪندي بجيٽ ۾ اقتصادي استحڪام ۽ واڌ، غير ترقياتي خرچن ۾ گهٽتائي، ملازمتن جي موقعن ۾ اضافو، عوام دوست پاليسين ۽ ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي تي ڌيان ڏنو ويو آهي، نئين بجيٽ ۾ سماجي شعبي جي ترقي، مختلف شعبن ۾ سڌارن جي پروگرامن کي اڳتي وڌائڻ ۽ گورننس ۽ نجي سيڙپڪاري جي حوصلا افزائي ڪئي ويندي، ان کانسواءِ حڪومت اوڳاڙين جي بنياد تي وسعت، ٽيڪس جي شعبي ۾ سڌارن ۽ ٽيڪس گذارن لاءِ سهولتن جي فراهمي ۾ اضافي تي به ڌيان ڏيندي ۽ ان حوالي سان قدم متعارف ڪرايا ويندا، جاري مالي سال ۾ روينيو گڏ ڪرڻ جي شرح ۾ اضافي جي پيش نظر نئين مالي سال ۾ روينيو جو هدف تقريبن 7 هزار ارب روپين تائين مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي، نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ ۾ وفاقي حڪومت جي سالياني ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي) جو ماپو 800 ارب روپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي مون 100 ارب روپيا پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت خرچ ٿيندا. وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن جي روشني ۾ ترقي جي بنيادي ضرورتن جهڙوڪ جو پاڻي جي وسيلن کي ترقي ڏيڻ کي پي ايس ڊي پي ۾ ترجيح ڏني وئي آهي، اعليٰ تعليم جو شعبو به پي ايس ڊي پي جو ترجيحي حصو آهي، ان تحت نوجوانن لاءِ فنڊز ۽ وظيفن ۾ اضافو ڪيو ويندو، فزيڪل انفراسٽرڪچر جهڙوڪ روڊ، رستا ۽ بندرگاهن جي تعمير اسان جي ٽئين اهم ترجيح آهي، انهن شعبن ۾ اهم سيڙپڪاري کي يقيني بنايو ويندو، نئين مالي سال جي پي ايس ڊي پي ۾ بلوچستان ۽ نوجوانن لاءِ ڪيتريون ئي اسڪيمون شروع ڪيون پيون وڃن، هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي منصوبن کانسواءِ وزيراعظم ميرٽ بيسڊ ليپ ٽاپ اسڪيم تحت هوشار شاگردن کي ليپ ٽاپ فراهم ڪيا ويندا، ان کانسواءِ هڪ ٻي اسڪيم به متعارف ڪرائي پئي وڃي جنهن تحت اعليٰ تعليمي ادارن جا شاگرد قسطن تي ليپ ٽاپ خريد ڪري سگهندا، صوبن جي تعاون سان پيشيوراڻي تربيت جا 250 انسٽيٽيوٽ قائم ڪيا ويندا، ان کانسواءِ صوبن جي سهڪار سان 250 مني اسپورٽس اسٽيڊيم به تعمير ڪيا ويندا، چين پاڪستان اقتصادي راهداري تحت مختلف منصوبن جي فاسٽ ٽريڪ بنيادن تي مڪمل ڪرڻ لاءِ وسيلا ۽ فنڊز مختص ڪرڻ کي يقيني بنايو ويندو، اهڙي طرح پراڻي گوادر شهر ۾ بجلي ۽ پاني جي مسئلن جي حل لاءِ فنڊز مختص ڪيا ويا آهن، بلوچستان ترقياتي بجيٽ جو اهم هدف آهي، بلوچستان کي ٻين صوبن جي مقابلي ۾ وڌيڪ ترقياتي فنڊز ڏنا پيا وڃن ته جيئن اتي جاري منصوبن کي مڪمل ڪري سگهجي ۽ نوان منصوبا به شروع ٿين، اڳوڻي فاٽا جي ضم ٿيل ضلعن ۾ ترقياتي منصوبن لاءِ 50 ارب روپين جا فنڊز مختص ڪرڻ جي تجويز آهي، ذريعن موجب ناڻي واري وفاقي وزارت ۽ ٻين لاڳاپيل وزارتن ۽ ڊويزنن پاران نئين مالي سال جي وفاقي بجيٽ لاءِ تياريون مڪمل آهن ۽ ان کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي.