
اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ وڏو قدم کڻندي مختلف شعبن لاءِ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، اها ٽاسڪ فورس سياحت، آءِ ٽي، فارما، اي ڪامرس ۽ زراعت تي ٺاهي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيرعظم شهباز شريف سان آمريڪن بزنس ڪائونسل جي وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ فارما، فوڊ پراسيسنگ، آءِ ٽي سيڪٽر، اي ڪامرس، ريٽيل سيڪٽر، ٽيڪسٽائيل، سپورٽس ۽ لاجسٽڪس جي شعبن جي نمائندن شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزيرن، سيد نويد قمر، مخدوم مرتضيٰ محمود، مريم اورنگزيب ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن به شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف مختلف سيڪٽرز ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ لاءِ ٽاسڪ فورس بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪندي چيو ته برآمدي صنعتن جي ڪچي مال تي سمورا ٽيڪس ختم ڪيا وڃن، هن چيو ته سياحت، فارما، آءِ ٽي، اي ڪامرس، وڏي پئماني تي مينوفيڪچرنگ ۽ زراعت تي ٽاسڪ فورس ٺاهي پئي وڃي، حڪومت پاڪستان ۾ ايڪسپورٽ ڪوالٽي جي زرعي جنسن جي پيداوار يقيني بڻائي رهي آهي، تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاليسين جي تسلسل جي ڳالهه اسان ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت ۽ عام ماڻهو جي ڀلائي سياست کان مٿانهين آهي، ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن چيو ته حڪومت جي پاليسين جي ڪري سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو آهي، بجيٽ کان پهرين حڪومت جي سمورين لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت خوش آئنده آهي، وزيراعظم ڪامرس واري وفاقي سيڪريٽري ۽ سيڙپڪاري بورڊ واري سيڪريٽري کي سيڙپڪارن جا مسئلا فوري حل ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته هڪ هفتي اندر سمورن مسئلن جي ازالو ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.