اسلام آباد – 08 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قلعه سيف الله ۾ ٽريفڪ حادثي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي زخمين کي هر ممڪن طبي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر مرحومن لاءِ مغفرت ۽ بلند درجن جي دعا ڪئي آهي، صدر فوت ٿيندڙن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪيو، صدر قلعه سيف الله حادثي جي زخمين لاءِ جلد صحتيابي جي دعا ڪئي آهي. صدر زخمين کي هر ممڪن بي امداد فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي، صدر آئينده اهڙي قسم جي حادثن جي روڪٿام لاءِ قدمن جي ضرورت تي به زور ڏنو.