
اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان غذائي تحفظ کي مستقبل ۾ سڀ کان وڏو چئلينج قرار ڏيندي چيو آهي ته زراعت جي شعبي تي فوري ڌيان نه ڏنو ته فوڊ سيڪيورٽي نيشنل سيڪيورٽي جو مسئلو بڻجي ويندو، اسان زرعي تحقيق، بهترين ٻج، پوک جي مخصوص علائقن جي نشاندهي، ننڍن آبادگارن کي تربيت ۽ قرض ڏيڻ، آبادگار ڪارڊ جي ذريعي ڊائريڪٽ سبسڊي ۽ جديد ٽيڪنالاجي استعمال ۾ آڻي غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ سان گڏوگڏ پاڪستان کي زرعي شعبي ۾ درآمد ڪندڙ بدران برآمد ڪندڙ بنائينداسين، ماضي ۾ ڪنهن حڪومت زراعت، صنعت، سياحت ۽ عام ماڻهو ۽ ڪمزور طبقي تي ڌيان نه ڏنو ۽ انهن جي بهتري جو نه سوچيو، چين 35 سالن ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو، مديني جي رياست جو ڪم ڪمزور طبقي جي سارسنڀال ڪرڻ آهي. هو ڪنوينشن سينٽر ۾ نيشنل آبادگار ڪنوينشن کي خطاب ڪري رهيو هو.غذائي تحفظ ۽ تحقيق وارو وفاقي وزير سيد فخر امام، غذائي تحفظ بابت خاص مددگار جمشيد اقبال چيمه به ڪنوينشن کي خطاب ڪيو. وزيراعظم چيو ته اسان جي ايندڙ وقت ۾ ڪيترائي چئلينج آهن، غذائي تحفظ انهن مان سڀ کان وڏو چئلينج آهي، گذريل سال اسان 40 لک ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائي آهي جنهن تي قيمتي پرڏيهي ناڻو خرچ ٿيو، پاڪستان جي آبادي جنهن تيزي سان وڌي رهي آهي، ايندڙ وقت ۾ ايتري وڏي آبادي جي لاءِ اناج پيدا ڪرڻ ۽ ان جون غذائي ضرورتون پوريون ڪرڻ وڏو مسئلو هوندو، وزيراعظم چيو ته اسان کي ايندڙ وقت جي تياري ڪرڻي آهي ۽ اهڙو ملڪ ناهي بڻجڻو جيڪو پنهنجي عوام جون غذائي ضرورتون به پوريون نه ڪري سگهي، پاڪستان جو مسئلو اهو آهي ته هڪ ننڍڙي طبقي وسيلن تي قبضو ڪري رکيو آهي، سموريون سهولتون ۽ مراعتون ان جي لاءِ آهن، ترقي جي عمل ۾ عام ماڻهو کي شامل ئي ناهي ڪيو ويو، جهڙي طرح انگريزن هتي قابض ٿيڻ کانپوءِ پنهنجي لاءِ ڌار علائقا ٺهرايا هئا اهڙي طرح مراعت يافته طبقي جي لاءِ انگلش ميڊيم اسڪول ۽ پرائيويٽ اسپتال بڻجي ويا ۽ تعليم ۽ صحت جو سرڪاري نظام تباهه ٿي ويو، عام ماڻهو کي انصاف نٿو ملي ڇو ته هو مهانگي وڪيلن جون خدمتون حاصل نٿو ڪري سگهي، قبضا گروپ وجود ۾ اچي ويو، ڊگهي عرصي تائين زمينن جا ڪيس هلندا رهندا آهن، حل ناهن ٿيندا، زراعت جي شعبي ۾ به اهو ئي ڪجهه ٿيو. وزيراعظم چيو ته جيستائين ننڍي آبادگار جي مدد نه ڪئي ويندي هو سٺو ٻج حاصل نٿو ڪري سگهي، پنهنجي زمين تي پئسو نٿو لڳائي سگهي، پنهنجي فصل کي ذخيرو نٿو ڪري سگهي، ان لاءِ آبادگارن کان سستي اگهه تي جنسون خريد ڪري مهانگي اگهه تي وڪرو ڪيون وينديون آهن، ملڪي نظام هر جڳهه ننڍي طبقي کي نظرانداز ڪيو جڏهن ته حڪومت جو ڪم ڪمزور طبقي کي سارسنڀال ڪرڻ هوندو آهي، آئون مديني جي رياست جي ڳالهه ڪريان ٿو، مديني جي رياست انصاف، انسانيت ۽ خودداري جي اصولن تي قائم هئي جنهن هيٺين طبقي کي مٿي کنيو، چين به انهي اصول تي عمل ڪيو ۽ 35 سالن ۾ 70 ڪروڙ ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو. هن ٻهراڙين ۾ پنهنجي آبادگارن جي مدد ڪئي، اسان کي به 74 سال پهرين اهڙا قدم کڻڻ گهرجن ها پر اسان ايئن نه ڪيو. جيڪڏهن اسان هاڻي به قدم نه کنيا ته غذائي تحفظ نيشنل سيڪيورٽي جو مسئلو بڻجي ويندو، ڪنهن به ملڪ ۾ جيڪڏهن 15 کان 30 سيڪڙو ماڻهو بکيا هوندا ته اها قوم ترقي نٿي ڪري سگهي، وزيراعظم چيو ته هن وقت صورتحال اها آهي ته اسان کي کاڌي پيتي جون شيون ٻاهران گهرائڻيون پونديون آهن، اسان کي ان صورتحال جو تدارڪ ڪرڻو پوندو ٻي صورت ۾ اهو نيشنل سيڪيورٽي جو مسئلو بڻجي ويندو. هن چيو ته الله تعاليٰ ڪنهن ٻي مخلوق کي ايتري صلاحيت سان ناهي نوازيو جهڙي انسان کي عطا ڪئي آهي، الله تعاليٰ اسان کي هر طرح جي وسيلن سان مالا مال ڪيو پر اسان پنهنجي طاقت تي ڀرپور ناهي ڪيو، بلوچستان ۾ اسان طرح طرح جون شيون پوکي سگهون ٿا پر ڪنهن ان باري ۾ سوچيو ئي ناهي، اسرائيل جنهن کي اسان فلسطينن تي ظلمن ۽ فلسطين مسئلي جي ڪري تسليم نٿا ڪريون ان زرعي تحقيق ۽ ٽيڪنالاجي تي ڌيان ڏنو ۽ ريگستان ۾ فصل پوکيا، اسان کي پنهنجي آبادگارن جي مدد ڪرڻي آهي، زرعي تحقيق ڪري آبادگارن کي آگاهه ڪرڻو آهي ته سندن علائقي جي لاءِ ڪهڙي فصل بهتر آهي، آبادگارن کي سٺو ٻج فراهم ڪرڻو آهي، جديد ٽيڪنڪ کي استعمال ۾ آڻڻو آهي ۽ آبادگارن کي تربيت ڏيڻي آهي، اسان سي پيڪ ۾ زراعت کي به شامل ڪيو آهي، چين جي زريعي ٽيڪنالاجي ۽ تجربن مان فائدو کڻنداسين ۽ چين جي طرز تي ٻهراڙي ۾ رهندڙ پنهنجي ننڍي آبادگارن جي مدد ڪنداسين جنهن وٽ وسيلا نه آهن ۽ بئنڪ کين قرض نه ڏئي رهيون آهن، انهن کي قرض فراهم ڪنداسين. پنجاب آبادگار ڪارڊ جي سلسلي ۾ زبردست ڪم ڪيو آهي، وزيراعظم چيو ته اسان وٽ چولستان، ڊي آءِ خان، اڳوڻي قبائلي ضلعن سميت تمام گهڻي زرعي زمين موجود آهي، اتي نئين زرعي ٽيڪنڪ کي استعمال ۾ آڻينداسين ۽ زيتون جي پوک ڪنداسين جنهن جي ذريعي اسان ڪجهه سالن ۾ امپورٽر بدران ايڪسپورٽر بڻجي سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته مون کي پنهنجي قوم تي اعتماد آهي، آبادگارن لاءِ جديد تحقيق کي استعمال ۾ آڻي ۽ زوننگ ڪرائي اسان پنهنجي وسيلن جو بهترين استعمال ڪري سگهون ٿا. وزيراعظم چيو ته هو آبادگارن سان ملندو ۽ انهن جا مسئلا حل ڪندو رهندو، اسان جون 30 سيڪڙو ميوو ۽ ڀاڄيون ذخيرو ڪرڻ ۽ ٽرانسپورٽ جي مناسب سهولتون نه هجڻ جي ڪري ضايع ٿي وينديون آهن، آبادگار کي خوشحال ڪنداسين ته هو پنهنجي زمين تي پئسو لڳائيندو، اسان ڪمند جي آبادگارن جي لاءِ وقت سر ڪرشنگ، ادائيگي ۽ پوري قيمت کي يقيني بڻايو، پهريون ڀيرو آبادگارن وٽ ايترو پئسو آيو آهي، 1100 ارب روپيا آبادگارن کي مليا، هنن اهو پئسو فصلن تي لڳايو ان لاءِ رڪارڊ پيداوار ٿي، وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ اسان کي ايتري صلاحيت ۽ وسيلا فراهم ڪيا آهن ته اسان کي ڪنهن جي سامهون هٿ ٽنگڻ جي ضرورت نه آهي، صرف سياحت مان ئي اسان وڏو پئسو ڪمائي سگهون ٿا پر ماضي جي حڪومتن زراعت، صنعت، سياحت ۽ عام عوام جي لاءِ تعليمي سهولتن جي فراهمي تي ڌيان نه ڏنو، وزيراعظم چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي خاص مقصد لاءِ بڻايو آهي، قائداعظم چيو هو ته پاڪستان دنيا جي لاءِ هڪ مثال بڻجندو، مون کي اميد آهي ته پاڪستان ايندڙ وقتن ۾ هڪ خاص مقام رکندڙ هوندو.