
اسلام آباد – پهرين جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان آذربائيجان سان لاڳان جو تمام گهڻو قدر ڪري ٿو، ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو ٿيڻ لاءِ سياحت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻو پوندو، واپار، معيشت، ثقافت جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ آذربائيجان جي عهدو ڇڏيندڙ سفير علي عليزاده سان ملاقات دوران ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان آذربائيجان سان لاڳاپن جو وڏو قدر ڪري ٿو، پاڪستان ۽ آذربائيجان جا لاڳاپا مضبوط، تاريخي، ثقافتي ۽ مذهبي رشتن تي ٻڌل آهن، هن چيو ته ٻنهي ملڪن کي ٻه طرفي واپار ۽ معاشي تعاون وڌائڻ لاءِ ٺوس قدم، واپاري وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سمورن عالمي فورمز تي بهترين لاڳاپا آهن، صدر چيو ته واپار، معيشت، ثقافت جي شعبن ۾ لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ لاءِ سياحت ۽ عوامي رابطن جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻو پوندو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي وزيراعظم عمران خان جي قرضن ۾ رليف جي قدمن جي حمايت تي آذربائيجان جو ٿورو ادا ڪيو. صدر حيدر علي فائونڊيسن جي پاڪستان ۾ فلاحي ڪمن جي به واکاڻ ڪئي. صدر ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي سفير جي ڪوششن کي ساراهيو.