APP65-05 ISLAMABAD: August 05 - President Dr. Arif Alvi talking to President Elect of Association of Physicians of Pakistani Descent of North America (APPNA) Dr. G. Naheed Usmani who called on him at the Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته علاج جي موثر ۽ بهتر سهولتون ماڻهن جي ڀلائي لاءِ تمام ضروري آهن، ان سلسلي ۾ صحت جي حوالي سان احتياطي تدبيرن کي فروغ ڏيڻ گهرجي ته جيئن علاج جي مد ۾ ٿيندڙ خرچن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي، ملڪ ۾ يونيورسٽين جي گهٽتائي جي مسئلي کي بامقصد آن لائن ڪورسز جي فروغ ۽ تعليمي ادارن تائين انهن جي پهچ ۾ بهتري جي ذريعي پورو ڪرڻ گهرجي، هو ايسوسيئيشن آف فزيشنز آف پاڪستانيز ڊيسنٽ آف نارٿ آمريڪا(اپنا) جي صدر ڊاڪٽر ناهيد عثماني سان ڳالهائي رهيو هو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.