APP66-05 ISLAMABAD: August 05 - Prime Minister Imran Khan chairs a meeting regarding Pakistan Steel Mills at PM Office. APP

اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صنعت ۽ پيداوار واري وزارت کي اسٽيل ملز جي بحالي جي سلسلي ۾ ڪوششون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اسٽيل ملز کي نقصانن کان بچائڻ ۽ ان جي بحالي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن اها ڳالهه پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي جي حوالي سان اڳڀرائي جي جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي واري صلاحڪار عبدالحفيظ شيخ، صنعت ۽ پيداوار واري وزارت جي سيڪريٽري، نجڪاري ڊويزن واري سيڪريٽري ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي.