خانڪندي – 04 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف علائقائي اتحاد جو مطالبو ڪندي پاڪستان ۽ ايران جي خلاف ڀارتي ۽ اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪئي آهي، ترقي جي عمل ۾ اقتصادي تعاون تنظيم (اي سي او) جي ميمبر ملڪن سان گڏيل ڪوششن ۾ شرڪت تي فخر آهي، علائقائي تعاون ۽ گڏيل خوشحالي جي لاءِ ٽيڪنالاجي جي ترقي لازمي آهي، وڌندڙ گڏيل دارومدار ۽ علم جي وسعت جو نئون دور شروع ٿي رهيو آهي، اي سي او جي ميمبر ملڪن کي موسمياتي تبديلين جا گهرا اثر درپيش آهن، وگهرجندڙ گليشيئرز، شديد گرمي، تباهي آڻيندڙ ٻوڏ سميت ٻيا چئلينجز درپيش آهن، ماحولياتي مسئلن جي ڪري لکين ماڻهن جو غذائي تحفظ ۽ روزگار خطري ۾ آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلين کان انتهائي متاثر 10 ملڪن ۾ شامل آهي، موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پاليسي جوڙي آهي، بحالي ۽ نئين سر تعمير جي چار نقاطي منصوبي تي ڌيان مرڪوز آهي، موسمياتي مسئلا گڏيل قدمن جا گهرجائو آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن خانڪندي ۾ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم ڪانفرنس ۾ شريڪ اڳواڻن ۽ اي سي او جي سيڪريٽري جنرل جي آجيان ڪندي آذربائيجان جي صدر الهام عليوف کي 17هين اي سي او سربراهه اجلاس جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪباد ڏني ۽ اي سي او ملڪن ۾ تعاون جي فروغ، تنظيم جي اڻٿڪ ڪوششن تي خراج تحسين پيش ڪيو. هن چيو ته بدلجندڙ تازي عالمي صورتحال ۾ ٽيڪنالاجيڪل تبديليون رونما ٿي رهيون آهن جنهن سان گڏيل دارومدار کي فروغ ملي رهيو آهي ۽ وڌندڙ عالمي رابطن، علائقائي تعاون مسئلن جي حل سميت اقتصادي ورڇ جي خاتمي ۽ گڏيل خوشحالي جي هدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي رهيا آهن. وزيراعظم چيو ته ان ڏس ۾ اقتصادي تعاون تنظيم اسان جي اميدن جي عڪاسي ڪري ٿي، پاڪستان اي سي او جي ڀائر ملڪن جي قابل فخر حصيدار جي طور تي گڏيل هدفن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي. هن وڌيڪ چيو ته 17هين اي سي او سربراهي اجلاس جو خاص ڌيان پائيدار ۽ ماحولياتي لچڪ تي ٻڌل مستقبل تي آهي، اهي ٻئي عمل وقت سر ۽ ڀرپور ڌيان وارا ۽ اهم آهن. هن چيو ته دنيا جي ٻين ملڪن وانگر اي سي او جا ميمبر ملڪ ماحولياتي تبديلي جي اثرن کان متاثر ٿي رهيا آهن جن ۾ گليشيئرز جو وگهرڻ به شامل آهي جيڪو گرمي پد ۾ اضافي جو نتيجو آهي. هن چيو ته اهڙي طرح ٻوڏ ۾ اضافي ۽ زرعي پيداوار ۾ گهٽتائي جا مسئلا پڻ درپيش آهن، اهي مسئلا غذائي تحفظ جي حوالي سان ڪروڙين ماڻهن جي لاءِ غذائي تحفظ جا خطرا پيدا ڪندا رهيا آهن. وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان ماحولياتي تبديلي کان متاثر ٿيندڙ 10 ملڪن ۾ شامل آهي، 2022ع ۾ اسان کي شديد ٻوڏ کي منهن ڏيڻو پيو، 33 ملين کان وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا، سڄي ملڪ ۾ تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو ۽ بنيادي ڍانچي کي به شديد نقصان پهتو. هن چيو ته گذريل هفتي به پاڪستان جي هڪ ضلعي سوات ۾ ٻوڏ جي ڪري ڪيتريون ئي قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي ويون. هن چيو ته پاڪستان ۽ ٻين ڪيترن ئي ملڪن کي اهڙي طرح جا نقصان درپيش آهن ۽ ماحولياتي مسئلن ۾ اضافي جي ڪري بحران وڌي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان ماحولياتي مسئلن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان ڪردار ادا ڪندي ماحولياتي تبديلي بابت ڪيترائي پاليسي قدم کنيا آهن ۽ ”فور ايف“ منصوبي تي تيزي سان ڪم ڪيو پيو وڃي جنهن تحت ماحولياتي لچڪ، بحالي، ريڪوري ۽ نئين سر تعمير تي خاص ڌيان ڏنو ويو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ان مادل جي ڪاميابي اسان سڀني جي لاءِ قابل قدر رهنمائي فراهم ڪري ٿي. هن چيو ته ان حوالي سان پاڪستان ڪاربن جي گهٽ اخراج جي لنگهن، اي سي او تي ٻڌل ڪاربن جي خاتمي جي پليٽ فارم ۽ علائقائي سطح تي قدرتي آفتن جي مقابلي جي لچڪدار نظام جي خصوصي فريم ورڪ جي تجويز پيش ڪري ٿو ته جيئن ڪلائميٽ فنانس قائم ڪرڻ سان گڏوگڏ علائقائي سطح تي ڪلين انرجي ڪوريڊور ۽ ايڪو ٽوئرازم کي فروغ ڏئي سگهجي ته جيئن پائيدار اقتصادي ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ سان گڏوگڏ خاص طور تي نوجوانن ۽ عورتن جي لاءِ گرين روزگار جا موقعا پيدا ڪري سگهجن. هن چيو ته انهن قدمن سان مختلف خطن ۾ زندگي جي شروعاتي ضرورتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ ۾ مدد ملندي. هن وڌيڪ چيو ته عدم استحڪام جون قوتون پنهنجي جيو پوليٽيڪل ايجنڊا تحت اسان جي خطي کي غيرمستحڪم ڪري رهيون آهن. وزيراعم چيو ته ڀائر ملڪ ايران ۽ ٻين ملڪن تي غيرقانوني ۽ غيراخلاقي اسرئيلي حملا ان خطرناڪ رجحان جي تازي عڪاسي آهي. هن چيو ته پاڪستان ايران جي خلاف اسرائيل جي جارحيت جي ان قدم جي پرزور مذمت ڪري ٿو. وزيراعظم ان جارحيت تي گهري افسوس ۽ شديد مذمت ڪندي زندگي وڃائيندڙن جي مغفرت ۽ جنت ۾ اعليٰ مقام جي دعا پڻ ڪئي ۽ چيو ته اسان ايران ۾ زخمي ڀائرن ۽ ڀينرن جي جلد کان جلد صحتيابي لاءِ پڻ دعاڳو آهيون. وزيراعظم محمد شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي خلاف ڀارت اشتعال انگيز ۽ کلي جارحيت ڪئي ۽ غيرقانوني ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ٿيندڙ واقعي کي ان جو بنياد قرار ڏنو. هن چيو ته ڀارت جو اهو قدم علائقائي امن کي غيرمستحڪم ڪرڻ جي برابر آهي. هن چيو ته اسان جي بهادر هٿياربند فوج فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي قيادت ۾ ڪردار کي ڏٺو آهي، اسان جي بي خوف عوام به نمايان ڪردار ادا ڪيو آهي جيڪو عزم، حوصلي ۽ پروفيشنلزم جو هڪ بهترين مثال آهي. هن چيو ته ان موقعي تي آئون پاڪستان سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ تي ڀائر اي سي او ميمبر ملڪن جا ٿورا ادا ڪريان ٿو. هن چيو ته انسان جي پيدا ڪيل اهڙي طرح جي بحران جو دنيا ڪڏهن به مشاهدو نه ڪيو. وزيراعظم چيو ته غزه کي مسلسل بحران ۽ جارحيت درپيش آهي جتي انساني قدرن کي پٺتي وجهندي امدادي ڪارڪنن سميت گڏيل قومن جي اهلڪارن تي پڻ اسرائيل حملا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اسرائيل غزه جي عوام جي لاءِ واحد لائيف لائين کي به ڪٽي ڇڏيو آهي ۽ غزه جي ماڻهن کي شديد غذائي مسئلا درپيش آهن. هن چيو ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ معصوم ماڻهن جي خلاف اهڙي طرح جي قدمن جي شديد مذمت ڪري ٿو، ڀلي اهي غزه يا غيرقانوني والاريل ڪشمير ۽ ايران کانسواءِ ڪٿي به هجن. هن چيو ته قدرتي آفتن ۽ ماحولياتي تبديلين جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، هاڻي اسان پاڻي کي بطور هٿيار استعمال ڪرڻ جي ڀارتي جارحيت جو مشاهدو ڪري رهيا آهيون، ڀارت جو اهو قدم غيرقانوني آهي جيڪو ورلڊ بئنڪ جي سربراهي ۾ ٿيندڙ عالمي معاهدي جي کليل خلاف ورزي آهي. هن چيو ته عالمي ٽياڪڙي عدالت به پنهنجي هڪ تازي رولنگ ۾ ان قدم کي غيرقانوني قرار ڏنو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته ڀارتي قدم مڪمل طور تي ناقابل قبول آهي ۽ پاڪستان ان کي رد ڪري ٿو. هن ڀارت جي مذمت ڪندي چيو ته سنڌو درياءَ جو پاڻي 240 ملين ماڻهن جي لاءِ لائيف لائين آهي، ڀارت کي اهڙي طرح جي ڪنهن به خطرناڪ قدم جي ڪڏهن به اجازت نه ڏينداسين. هن چيو ته ڀارت جو اهو قدم پاڪستاني عوام جي خلاف کليل جارحيت تي ٻڌل آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته واپار ۽ سيڙپڪاري جو فروغ علائقائي رابطن جي فروغ جي اسان جي گڏيل مقصدن جي ڪاميابي جي چاٻي آهي. هن چيو ته اي سي او ماضي جي آر سي ڊي تنظيم آهي جيڪا ترڪيه، ايران ۽ پاڪستان جي وچ ۾ علائقائي تعاون جي فروغ جي لاءِ قائم ڪئي وئي هئي. هن چيو ته اهو معاهدو 1960ع جي ڏهاڪي ۾ ڪيو ويو هو. وزيراعظم چيو ته اي سي او ٽرانسپورٽ ڪوريڊور اسان جي انرجي سيڪيورٽي جي تحفظ، علائقائي سياحت جي فروغ، اقتصادي ترقي ۽ پيداوار ۾ اضافي ۾ مدد ڏيندو. هن چيو ته اي سي او ويزن 2025ع تي 13هين اي سي او سمٽ اسلام آباد ۾ اتفاق ڪيو ويو هو جنهن ۾ اي سي او ملڪن جي واپار جو فروغ بنيادي نوعيت رکندڙ هو. هن ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ان تي اڃا تائين عملدرآمد ناهي ٿي سگهيو. وزيراعظم چيو ته قديم تاريخي شاهراهه ريشم وسيلي عظيم ورثو رکندڙ اي سي او ملڪن کي بهتر مستقبل جي لاءِ فائدو کڻڻ گهرجي. هن 2027ع ۾ لاهور ۾ عوامي رابطن ۽ سياحت جي حوالي سان ڪانفرنس منعقد ڪرڻ تي ڪانفرنس جي شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيندي يقين ڏياريو ته لاهور پاڪستان جو ثقافتي مرڪز آهي. هن شرڪت ڪندڙن کي پاڪستان جي دوري ۽ لاهور سمٽ ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني. وزيراعظم سال2028ع ۽ 2029ع جي لاءِ اي سي او ميري ۽ ڪراڪول کي اي سي او ٽوئرازئم ڪيپيٽل چونڊجڻ تي ترڪمانستان ۽ ڪرغزستان کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته اي سي او ميمبر ملڪ جاگرافيائي ۽ ثقافتي ورثي جي عظيم تاريخ رکندڙ آهن، اسان وٽ بي پناهه وسيلا موجود آهن ۽ اسان جي 566 ملين عوام جون اميدون به اي سي او سان واڳيل آهن جيڪي تنظيم کي علائقائي تعاون جو هڪ اهم پليٽ فارم سمجهن ٿا. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ان حوالي سان پاڪستان ازبڪستان جي تعاون ۾ وسعت ڏيڻ جي قرارداد جي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته علائقائي مسئلن جي باوجود، اچو اسان يڪجهتي ۽ تعاون کي فروغ ڏيون ته جيئن اسان جي عوام پرامن ۽ خوشگوار زندگي گذاري سگهي. وزيراعظم پنهنجي خطاب جي آخر ۾ سمٽ جي ڪامياب انعقاد تي صدر الهام عليوف کي خصوصي مبارڪباد پڻ ڏني.