اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف مستقبل ۾ قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي تيارين تي زور ڏيندي هدايت ڪئي آهي ته پي ٽي اي سان گڏجي ايس ايم ايس ۽ فون پيغامن جي ذريعي موسمياتي وارننگ ۽ آفتن جا خطرا باقاعدگي سان جاري ڪيا وڃن، هن چيو ته اين ڊي ايم اي جي صلاحيت ۾ اضافي جي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪنداسين، ڀارت پاڻي کي هٿيارجي طور تي استعمال ڪري رهيو آهي، ڀارت کي سنڌ طاس معاهدو معطل ڪرڻ يا ختم ڪرڻ جو ڪو اختيار نه آهي، پنهنجي وسيلن سان ديامر ڀاشا ڊيم سميت ٻين جاين تي غيرتڪراري پاڻي ذخيرن جي صلاحيت تعمير ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار اين ڊي ايم اي تحت نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر جي دوري جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر ۾ بهترين سهولتون دستياب آهن، 2022ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ اهو آپريشن سينٽر قائم ڪيو ويو، ان ٻوڏ دوران ملڪ جو وسيع علائقو پاڻي هيٺ اچي ويو ۽ بيٺل فصل تباهه ٿي ويا، لکين گهر مڪمل طور تي تباهه ٿي ويا، 2022ع جي ٻوڏ کانپوءِ اداري کي جديد رخن تي قائم ڪيو ويو، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي گهڻ مقصدي اهم قومي ادارو آهي ۽ ان جو صوبن سان ٺوس رابطو آهي. هن چيو ته هن اداري ۾ ارلي وارننگ سسٽم ۽ صوبن کي وقت سر آگاهي جو نظام موجود آهي ۽ ان وٽ حفاظتي جديد اوزار موجود آهن جيڪي ريسڪيو ۽ ريليف جي لاءِ تمام گهڻا مددگار آهن. هن چيو ته پاڪستان موسمياتي تبديلي ۽ ڪلائوڊ برسٽ کان سڀ کان وڌيڪ متاثر 10 ملڪن ۾ شامل آهي، پاڪستان جو گرين هائوس گئسن جي اخراج ۾ حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي. هن چيو ته منصوبابندي واري وزير ۽ موسميات واري وزير کي هدف ڏنو ته اهي پاڪستان ۾ زراعت ۽ هائوسنگ سميت ٻين شعبن ۽ ريزيليئنٽ انفراسٽرڪچر جي لاءِ قرضن تي نه پر گرانٽس ۽ پبلڪ پرائيويٽ سيڙپڪاري جي لاءِ ڳالهه ٻولهه ڪن، اسان جي معيشت ۽ سماجي ۽ معاشي اسٽرڪچر جي لاءِ هي بهترين پليٽ فارم آهي، حڪومت هن اداري ۽ ان جي صلاحيتن ۾ بهتري ۽ صوبن سان هر ممڪن تعاون جي لاءِ تيار آهي. وزيراعظم چيو ته مون کي خوشي آهي ته هي ادارو خاص طور تي دوست ملڪن سميت ٻين ملڪن کي وقت سر آگاهي ۽ معلومات فراهم ڪري رهيو آهي، ترڪيه ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي کانپوءِ هن اداري اتي منظم ريسڪيو آپريشن جي لاءِ اڻٿڪ محنت ڪئي، اهڙي طرح ميانمار سميت ٻين جاين تي به پنهنجي صلاحيتن کي مڃرايو. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان پنهنجي مستقبل جي منصوبابندي ڪريون. هن چيو ته غيرمتوقع هيٽ ويو جي ڪري گليشيئرز وگهِري رهيا آهن، ان ڏس ۾ اسان کي اعليٰ سطح جي تيارين جي ضرورت آهي. هن چيو ته سوات ۾ قيمتي جانين جي زيان تي انتهائي افسوس آهي، پوري قوم ان واقعي تي ڏکويل هئي، اسان کي سياست کان مٿانهون ٿي ان معاملي جو ديانتداري سان جائزو وٺڻ گهرجي، اين ڊي ايم اي ان معاملي جي رپورٽ ٺاهي پيش ڪري. هن چيو ته سڄي ملڪ ۾ تازين برساتن ۾ اٽڪل 50 ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن، مستقبل ۾ اهڙن واقعن جي روڪٿام جي لاءِ صوبائي حڪومتن ۽ پي ڊي ايم اي سان گڏجي ٺوس حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي. هن چيو ته اسان جو دشمن پاڻي کي هٿيار جي طور تي استعمال ڪري رهيو آهي، عالمي ٽياڪڙي عدالت پاران فيصلي سان ان کي پوئتي هٽڻو پيو. عدالت فيصلو ڏنو آهي ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفي طور تي معطل نه ٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي ان کان جدا ٿي سگهي ٿو پر بدقسمتي سان ان جا ناپاڪ ۽ خطرناڪ ارادا آهن، حڪومت سنڌ طاس معاهدي جي خلاف ڀارتي قدمن کي منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ته پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي صلاحيت ۾ اضافو ڪيو ويندو، پنهنجي وسيلن سان ديامر ڀاشا ڊيم سميت ٻين جاين تي غيرتڪراري پاڻي ذخيرن جي صلاحيت تعمير ڪنداسين، چئني صوبن جي وچ ۾ 1991ع جي پاڻي معاهدي تحت اهي پاڻي ذخيرا تعمير ڪيا ويندا، ان ۾ اين ڊي ايم اي جو اهم ڪردار آهي، اين ڊي ايم اي وٽ ڊرون سميت ٻين جديد اوزارن جي موجودگي خوش آئنده آهي. ان موقعي تي اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر بريفنگ پڻ ڏني. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ۽ اين ڊي ايم اي جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.