اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته دانش يونيورسٽي ۾ شاگردن کي اپلائيڊ سائنسز، جدت ۽ ٽيڪنالاجي ۾ مستقبل جي تياري سان گڏ تعليم ڏني ويندي، اسان کي پنهنجي تعليمي ادارن کي قومي چٽاڀيٽي جي علامت بڻائڻ ۽ کين عالمي معيار موجب تيار ڪرڻو پوندو. اهڙو اظهار هن صدارت هيٺ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو. اجلاس ۾ پاڪستان حڪومت جي قومي ترقياتي ويزن ”اڏام پاڪستان“ تحت اعليٰ تعليمي ادارن جي تسلسل ۾ دانش يونيورسٽي آف اپلائيڊ اينڊ ايمرجنگ سائنسز جي قيام جي حوالي سان قدمن جو جائزو ورتو ويو ۽ مختلف فيصلا ڪيا ويا. هي تاريخي منصوبو ”اڏام پاڪستان“ جي تعليم ۽ اعليٰ ڪارڪردگي جي ٿنڀن سان هم آهنگ آهي جنهن جو مقصد پاڪستان ۾ عالمي معيار جي انساني وسيلن جي تياري آهي. اجلاس ۾ تعليم واري سيڪريٽري دانش ايجوڪيشن ٽرسٽ يونيورسٽي جي چارٽر ۽ قانوني ڍانچي تي بريفنگ ڏني. هي فيصلو ڪيو ويو ته ترڪيه، چين، ڏکڻ ڪوريا ۽ سوئٽزرلينڊ ۾ عالمي روڊ شوز منعقد ڪيا ويندا ته جيئن عالمي شهرت يافته ڊزائن ۽ سپرويزن ڪنسلٽنٽس جون خدمتون حاصل ڪري سگهجن. هي قدم جناح ميڊيڪل ڪامپليڪس اينڊ ريسرچ سينٽر سان گڏيل طور ڪيو ويندو. احسن اقبال چيو ته رٿابندي واري وزارت پهرين ويزن 2025ع تحت 5 بنيادي ٿنڀن تي ٻڌل ڪيترن ئي انقلابي قدمن جي شروعات ڪئي هئي ۽ هاڻي اڏام پاڪستان جي اڳواڻي جي ذميواري به هن وزارت جي حوالي ڪئي وئي آهي، هن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان جي نوجوانن کي مستقبل جي گهرجن ۽ جديد ٽيڪنالاجي موجب مهارتن سان تيار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته دانش يونيورسٽي هڪ نئين شروعات جي علامت هوندي جتي شاگردن کي اپلائيڊ سائنسز، جدت، ٽيڪنالاجي ۾ مستقبل جي تياري جي حوالي سان تعليم ڏني ويندي، اسان کي پنهنجي تعليمي ادارن کي قومي چٽاڀيٽي جي علامت بڻائڻو آهي ۽ کين عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو، هن ڪامياب تعليمي ماڊلز مان سبق وٺڻ جي ضرورت تي زور ڀريندي فوري طور اعليٰ تعليمي قيادت ۽ عالمي فيڪلٽي جي ڀرتي جي شروعات ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن نصاب ۽ تحقيق ۾ عالمي بهترين روايتون اختيار ڪري سگهجن، وفاقي وزير هدايت ڪئي ته ڊگري پروگرامز ۽ ڪورس نصاب صنعت ۽ تعليمي ادارن جي مشاورت سان تيار ڪيا وڃن ته جيئن موجوده مهارتن جي کوٽ کي ڀري سگهجي، هي قدم اڏام پاڪستان جي روانگي واپار ۽ بااختياري جي حڪمت عملي جي حمايت ڪندو. هن واضح ڪيو ته دانش يونيورسٽي کي لمز ۽ ٻين عالمي معيار جي تعليمي ادارن جهڙو هجڻ گهرجي. هي هڪ اهڙو مرڪز بڻجي جيڪو اپلائيڊ لرننگ، تحقيق ۽ ترقي، صنعت ۽ يونيورسٽن وچ ۾ تعاون کي هٿي ڏي. انفرا اسٽرڪچر جي حوالي سان وفاقي وزير سي ڊي اي ۽ ٻين رٿابندي وارن عملدارن کي هدايت ڪئي ته سادگي، پائيداري ۽ گهٽ لاڳت جي اصولن تي ٻڌل ڊزائن اختيار ڪئي وڃي ته جيئن هي منصوبو ماحولياتي تحَفظ جي ٿنڀ سان به هم آهنگ ٿئي. احسن اقبال چيو ته دانش يونيورسٽي آف اپلائيڊ اينڊ ايمرجنگ سائنسز تعليم ۽ جدت جو هڪ فليگ شپ ادارو ثابت ٿيندو جيڪو پاڪستان کي 2047ع تائين 3 ٽريلين ڊالرن جي معيشت بڻائڻ جي سفر ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هي يونيورسٽي اڏام پاڪستان جي ان جذبي جي عڪاس هوندي جنهن جو مقصد نوجوانن کي صرف زنده رهڻ جي قابل نه پر دنيا جي قيادت لاءِ تيار ڪرڻو آهي.