اسلام آباد-22 مئي (اي پي پي) ناڻي ۽ محصولن واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب اوورسيز انوسيٽرز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري (او آءِ سي سي آءِ) جي هاڻوڪي سروي جي نتيجن کي سٺو سنئوڻ قرار ڏيندي چيو ته سروي سان پاڪستان جي معيشت تي سيڙپڪارن جي اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي، سروي جا نتيجا استحڪام طرف وڌندڙ سفر جو اهڃاڻ آهن، حڪومت نجي شعبي جي ترقي ۽ ڊگهي مدي واري معاشي استحڪام لاءِ پرعزم آهي. هن اها ڳالهه اوورسيز انويسٽرز چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وفد سان ملاقات ۾ چئي. وفد جي اڳواڻي صدر يوسف حسين ڪئي. ملاقات ۾ او آءِ سي سي آءِ جي بزنس ڪانفيڊنس انڊيڪس سروي – ويو 27 جي هاڻوڪن نتيجن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جيڪو مارچ ۽ اپريل 2025ع ۾ سڄي ملڪ ۾ ڪيو ويو. او آءِ سي سي آءِ جي وفد سروي جا تفصيل پيش ڪيا جنهن موجب سڄي پاڪستان ۾ ڪاروباري اعتماد ۾ نمايان بهتري آئي آهي ۽ انڊيڪس ۾ 16 سيڪڙو پوائنٽس تي نمايان واڌ رڪارڊ ڪئي وئي. جيڪو گذريل سروي آڪٽوبر نومبر 2024ع ۾ ڪاٽو پنج سيڪڙو هو، جيڪو هاڻي وڌي مثبت 11 سيڪڙو ٿي ويو آهي. ان بهتري کي معيشت ۾ استحڪام، مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ مستقبل ۾ ڪاروباري حالتون بهتر ٿيڻ جي اميد سان ڳنڍيو پيو وڃي. سڀ کان وڌيڪ بهتري مينوفيڪچرنگ سيڪٽر ۾ ٿي جتي ڪاروباري اعتماد ڪاٽو 3 مان وڌي مثبت 15 سيڪڙو ٿي ويو آهي، ريٽيل ۽ هول سيل شعبن ۾ به نمايان بحالي ٿي، جيڪو گذريل ڀيري ڪاٽو 18 سيڪڙو هئي ۽ هاڻي وڌي مثبت 2 سيڪڙو ٿي وئي، خدمتن جي شعبي ۾ به مستقل بهتري ڏٺي وئي، جتي اعتماد جي شرح 2 سيڪڙو کان وڌي 10 سيڪڙو ٿي وئي، ناڻي واري وزير ڪاروباري خدمتن ۾ مثبت رجحانن جي آجيان ڪندي چيو ته هي پاڪستان جي معيشت جي استحڪام طرف وڌندڙ سفر جو اهڃاڻ آهن. هن سيڙپڪارن لاءِ سازگار ماحول برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڀريو ۽ چيو ته حڪومت نجي شعبي جي ترقي ۽ ڊگهي مدي واري معاشي استحڪام لاءِ پرعزم آهي. ناڻي واري وزير وفد کي خاطري ڪرائي ته حڪومت مثبت رجحان کي برقرار رکڻ لاءِ سمورا ضروري قدم جاري رکندي، پاليسي ۾ تسلسل، شفافيت ۽ او آءِ سي سي آءِ جي اسٽيڪ هولڊرز ميمبرن سان موثر رابطو حڪومت جي حڪمت عملي جو اهم حصو آهن ته جيئن سيڙپڪارن جي اعتماد کي وڌيڪ مستحڪم بڻائي سگهجي ۽ معيشت کي مستحڪم بنيادن تي آڻي سگهجي.