اسلام آباد – 21 مئي (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سينيٽر سيد علي ظفر جي سربراهي ۾ پاڪستان ٽيليويزن ڪارپوريشن جي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو ۽ اداري جي ڪم بابت جامع بريفنگ ورتي، ڪميٽي تازي ڇڪتاڻ دوران ڀارتي ميڊيا جي ڪوڙي پروپئگنڊه جو مقابلو ڪرڻ ۽ قوم آڏو اصل حقيقتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ پي ٽي وي جي ڪردار کي ساراهيو. جاري پڌرائي موجب اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جي شروعات ڪميٽي جي سفارشن تي عملدرآمد جي صورتحال تي بحث سان ٿي. ڪميٽي ميمبرن پارليامينٽ جي تقريرن جي سڌوسنئون نشريات جي حوالي سان ايس او پيز بابت معلوم ڪيو جنهن تي اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري ٻڌايو ته پي ٽي وي وٽ پارليامينٽرينز جي تقريرن جي سڌوسنئون نشريات جي لاءِ ايس او پيز نه آهن. ڪميٽي سفارش ڪئي ته ايندڙ اجلاس ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن جون تقريرون نشر ڪرڻ جي حوالي سان تفصيل فراهم ڪيا وڃن. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري عنبرين جان ڪميٽي کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته پي ٽي وي جو مقصد قومي مفاد ۽ ثقافتي قدرن کي برقرار رکندي پاڪستاني عوام کي آگاهي فراهم ڪرڻ آهي. هيستائين پي ٽي وي جا 9 چينلز سڄي ملڪ ۾ 7 مختلف جاين تي فعال مرڪزن سان ڪم ڪري رهيا آهن. پي ٽي وي ٽي وي فيس جي عيوض ساليانو 10.2 ملين رپيا گڏ ڪري ٿي جيڪي بجلي صارفين کان بلن جي ذريعي وصول ڪيا وڃن ٿا جڏهن ته پي ٽي وي کي اشتهارن ۽ اسپانسرشپس جي ذريعي اٽڪل 3.0 بلين رپيا آمدني ٿئي ٿي جڏهن ته آمدني جو وڏو حصو اٽڪل 9 ارب رپيا ملازمن، جن جو موجوده انگ 4201 آهي، جي پگهارن تي خرچ ڪيو پيو وڃي. ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته پي ٽي وي آمدني ۾ وڌيڪ اضافي جي لاءِ ڊيجيٽلائيزيشن تي ڌيان ڏئي رهي آهي. ڪميٽي تازي ڇڪتاڻ دوران ڀارتي ميڊيا جي ڪوڙي پروپئگنڊه جو مقابلو ڪرڻ ۽ قوم آڏو اصل حقيقتن کي اجاگر ڪرڻ ۾ پي ٽي وي جي ڪردار کي ساراهيو. ڪميٽي ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن جي ملازمن کي پگهارن ۽ پينشن جي عدم ادائيگي تي روشني وڌي. سينيٽر عرفان صديقي ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ريڊيو پاڪستان جا ملازم 2023ع جي پي اينڊ پينشن جي معيار موجب پگهارون وصول ڪري رهيا آهن جڏهن ته ان جا ٽيڪس 2024ع جي معيار موجب ڪاٽيا پيا وڃن. عملدارن ٻڌايو ته ان معاملي تي فنانس ڊويزن جي عدم اتفاق ۽ بجيٽ جي کوٽ جي ڪري انهن جي پگهارن ۾ اضافو نه ٿيو آهي. ڪميٽي ايندڙ اجلاس ۾ اهو معاملو فنانس ڊويزن آڏو اٿارڻ جو فيصلو ڪيو. سينيٽر عون عباس پيڪا ايڪٽ تحت مختلف ماڻهن جي خلاف داخل ڪيسن تي روشني وڌي. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته مختلف ماڻهن جي خلاف مجموعي طور تي 34 ايف آءِ آر داخل ڪيون ويون آهن جن مان اڪثر جو تعلق ڏکڻ پنجاب سان آهي، جن مقامي انتظاميا ۽ موجوده پنجاب حڪومت جي خلاف سوشل ميڊيا تي مواد پوسٽ ڪيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري ٻڌايو ته وزارت پيڪا ايڪٽ تحت داخل ڪيسن جا تفصيل فراهم نه ٿي ڪري سگهي ڇو ته اهو معاملو گهرو وزارت تحت اچي ٿو. ڪميٽي وزارت کي ايندڙ اجلاس ۾ ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي سفارش ڪئي. ان موقعي تي سينيٽر عرفان الحق صديقي، پرويز رشيد، سرمد علي، عون عباس، جان محمد، فيصل واوڊا، اطلاعات ۽ نشريات واري سيڪريٽري عنبرين جان ۽ ٻيا لاڳاپيل عملدار پڻ موجود هئا.