اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي) ثقافت ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير اورنگزيب کچي، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي مبارڪون ڏنيون آهن. جاري بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته سيد محمد عاصم منير کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي ترقي نهايت سٺو قدم ۽ ملڪي دفاع ۽ وقار جي علامت آهي، سندس قيادت ۽ پيشيواراڻي مهارت نه صرف پاڪ فوج کي نئين جدت ڏني پر عالمي سطح تي به پاڪستان جي موقف کي مضبوط ڪيو. اها ترقي سڄي قوم لاءِ فخر جو سبب آهي. هن وڌيڪ چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي بهترين حڪمت عملي، تدبر ۽ قومي سلامتي لاءِ اڻٿڪ ڪوششن اڄ پاڪستان جو ڳاٺ اونچو ڪري ڇڏيو آهي.