اسلام آباد-21 مئي (اي پي پي) هائوسنگ ۽ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي فائونڊيشن (پي ايڇ اي) طرفان پنهنجي ميمبرن ۽ الاٽيز کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ شروع ڪيل ڊجيٽل قدمن جي هڪ جامع پيڪيج جو باضابطه افتتاح ڪري ڇڏيو. هائوسنگ واري وزارت جي ترجمان موجب ان موقعي تي هائوسنگ ۽ ورڪس وارو سيڪريٽري شهزاد خان بنگش، پي ايڇ اي ايف جا آفيسر ۽ نيشنل پوليس فائونڊيشن جا نمائندا به موجود هئا. پي ايڇ اي ايف جي مينيجنگ ڊائريڪٽر شاهد حسين شرڪت ڪندڙن کي بريفنگ ڏني. وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده چيو ته هي روايتي نظامن کان جديد ڊجيٽل پليٽ فارمز طرف منتقلي نه رڳو مقامي ۽ اوورسيز شهرين جي سهولت فراهم ڪندي پر درست ڊيٽا فراهم ڪري غلط فهمين کي به ختم ڪندي. هن وڌيڪ چيو ته هائوسنگ جي سمورن کاتن کي ميرٽ تي ٻڌل نظام اختيار ڪرڻ گهرجي، جيڪو ڊجيٽل سسٽم سان هلي رهيو هجي، ڇاڪاڻ ته اهڙا قدم هاڻي عوامي خدمت جي ڪارڪردگي ۽ اداري جاتي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ضروري آهن.