لاهور-21 مئي (اي پي پي) ڀارتي حڪومت طرفان، پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي آذربائيجان سان سياحت، واپار ۽ ٻين معاملن ۾ بائيڪاٽ مهم خلاف پاڪستان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ آذربائيجان جي حڪومت ۽ عوام سان خير سگالي جي جذبن جي اظهار لاءِ مواصلات وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان اسلام آباد ۾ آذربائيجان جي سفارتخاني ويو، جتي هن سفير خضر فرهادوف سان گرمجوشي سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزير آذربائيجان جي سفير سان پنهنجين ڳالهين ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي ٿورو مڃيو. هن چيو ته انشاءُ الله پاڪستان به ڪنهن موڙ تي پوئتي نه هٽندو ۽ آذربائيجان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي هلندو. وفاقي وزير جو چوڻ هو ته ڀارت طرفان آذربائيجان سان سياحتي ويزا ملتوي ڪرڻ ۽ پروپيگنڊا تي ٻڌل هڪطرفي ناڪاري سوشل ميڊيا مهم هلائڻ ان جي ناڪامي جي عڪاسي آهي ۽ اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته آذربائيجان کي صرف ۽ صرف پاڪستان سان دوستي سبب نشانو بڻايو ويو آهي. آذربائيجان جي سفير وفاقي وزير عبدالعليم خان جي آمد تي ساڻس ٿورو مڃيو ۽ چيو ته سندن ملڪ پاڪ ڀارت جنگ دوران اصولي موقف اختيار ڪندي پاڪستان سان گڏ بيهڻ جو فيصلو ڪيو ۽ 10 مئي جي ڪاميابي تي آذربائيجان جي عوام ۾ جوش ۽ جذبو ڏسڻ وٽان هو. هن چيو ته ٻئي ملڪ گهري مذهبي، ثقافتي ۽ دوستاڻن لاڳاپن سان جڙيل آهن ۽ اسان کي هڪٻئي سان گڏ بيهڻ تي فخر آهي. اها ڳالهه ذڪر جوڳي آهي ته آذربائيجان سفارتخاني آمد تي سفير خضر فرهادوف ۽ وفاقي وزير عبدالعليم خان وچ ۾ گرمجوشي جو اظهار ڪيو ويو ۽ هڪٻئي کي گل پيش ڪيا ويا.