لنڊن-08 مئي (اي پي پي) برطانيه ۾ مقرر پاڪستان جي هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل امن کي پاڪستان جي پهرين ترجيح قرار ڏيندي ڀارت کي خبردار ڪيو آهي ته پاڪستان کي ڊيڄاري ڌمڪائي نٿو سگهجي، اسان اهڙا حملا قبول نه ڪنداسين ۽ جوابي ڪارروائي ڪئي ويندي. اسڪاءِ نيوز کي انٽرويو ڏيندي ڊاڪٽر محمد فيصل هاڻوڪي ڀارتي اڳرائي جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪستان اهڙيءَ طرح جي حملن کي قبول نه ڪندو. اها ڳالهه واضح آهي ته اسان کي ڊيڄاري ڌماڪي نٿو سگهجي، هو ميزائل حملا يا ڪجهه ٻيو ڪن ته اسان خاموش نه رهنداسين. هن چيو ته جڏهن به حملو ڪيو ويو ته مُنهن ٽوڙ جواب ڏينداسين. هن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پاڪستان پهلگام ۾ ٿيل حملي جي عالمي جاچ ۾ سهڪار لاءِ تيار آهي پر ڀارت پاڪستان جي جاچ جي حوالي سان آڇ تي ڌيان ڏيڻ بجاءِ پاڪستان تي حملو ڪرڻ جو رستو چونڊيو. دهشتگرديءَ جي مختلف واقعن ۾ پاڪستان جي مبينه ملوث هجڻ جي ڀارتي الزامن کي رد ڪندي هن چيو ته صرف الزام تراشي بجاءِ ڀارت کي ثبوت فراهم ڪرڻا پوندا. هن چيو ته ڀارت کي الزامن جا ثبوت فراهم ڪرڻ آهن، ٻنهي ملڪن کي سهڪار ڪرڻو پوندو، وفدن کي ملڻو پوندو، سفارتڪارن کي هڪٻئي سان رابطو ڪرڻو پوندو. هن سوال ڪيو ته ڇا جيڪڏهن هو منهنجي ملڪ تي ميزائل اُڇلائيندا ته اسان پاڻ ۾ ڪيئن سهڪار ڪنداسين؟ پاڪستان تي ڀارتي حملن جي روشنيءَ ۾ هاءِ ڪمشنر چيو ته 30 کان وڌيڪ شهري شهيد ٿي چڪا آهن ۽ 50 کان وڌيڪ زخمي آهن. هي هڪ سنگين ۽ سنجيده مسئلو آهي. هن چيو ته اسان ڪڏهن به ڇڪتان ۾ اضافو ناهي چاهيو، حملو ڪيو ويو، 30 کان وڌيڪ شهري فوت ٿيا، يقينن حتمي فيصلو قومي سلامتي ڪميٽيءَ جو آهي جنهن جو اجلاس گذريل ڏينهن وزيراعظم جي سربراهيءَ ۾ منعقد ٿيو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته مختلف واقعن جي جاچ ڀارتي عدم سهڪار سبب التوا هيٺ آهي. هن ياد ڏياريو ته ڀارت هڪ طرفي طور عالمي قانونن کي پوئتي رکي آرٽيڪل 370 کي رد ڪيو جنهن کانپوءِ ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪي به ڳالهيون ناهن ٿيون. هن چيو ته ڏکڻ ايشيائي ملڪن جي تنظيم سارڪ جيڪا هڪ ارب 70 ڪروڙ عوام جي نمائندا آهي ۽ ان کي خطي کي ترقيءَ طرف گامزن ڪرڻ هو، صرف هڪ سبب جي ڪري غير فعال آهي، ڇاڪاڻ ته ڀارت نٿو چاهي ته هي اڳتي وڌي. نومبر 2016ع ۾ سارڪ سربراهه اجلاس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيڻ طئي هو، 9 سال گذري چڪا آهن پر اهو اجلاس ناهي ٿيو. هن چيو ته توهان ڏسو ته نار سهڪار تنظيم، آفريقي يونين جهڙيون تنظيمون ڪٿي پهچي چڪيون آهن. هن چيو ته 16ع کان ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪي به ڳالهيون ناهن ٿيون ڇاڪاڻ ته ڀارت سڀ ڪجهه روڪي ڇڏيو آهي. سمجهوته ايڪسپريس سانحي تي تبصرو ڪندي هن عالمي جاچ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن ڀارت کي ايترو يقين آهي ته هو ان کان پوئتي ڇو هٽي رهيو آهي؟ پاڪستان جي دهشتگرديءَ جي روڪٿام جي ڪوششن بابت سوال تي هاءِ ڪمشنر چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي روڪٿام جي هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي، هي پاڻ دهشتگرديءَ جو سڀ کان وڏو شڪار آهي. بلوچستان ۾ 25 مارچ تي سڄي ريل گاڏيءَ کي يرغمال بنايو ويو جنهن جون واڳون ڀارت سان ملن ٿيون. هن چيو ته اسان هر شيءِ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري سگهون ٿا پر اسان کي حل ڳولڻو آهي، هڪٻئي تي الزام تراشي ناهي ڪرڻي. هن چيو ته پاڪستان جو ايف اي ٽي ايف جي گري لسٽ مان نڪرڻ به اسان جي عالمي قانونن جي پاسداري جي ڪري آهي، ان جي ابتڙ ڀارت آهي جنهن گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ آبي معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. ڪشمير تڪرار کي بنيادي مسئلو قرار ڏيندي هن چيو ته ڀارت ڪشميرين کي سندن بنيادي خوداراديت وارو حق ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، ان جي بجاءِ پاڪستان تي دهشتگردي مڙهڻ چاهي ٿو جيڪا قبولڻ جوڳي ناهي.