ميرپورخاص-08 مئي (اي پي پي) ميرپورخاص ڊويزن جي ڪمشنر فيصل احمد عقيلي پاران ملڪ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي فوري طور تي پنهنجي آفيس ۾ هڪ ڊويزنل ڪنٽرول روم قائم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جا فون نمبر 02339290052 ۽ 02339290053 آهن، جيڪي 24 ڪلاڪ ڪم ڪندا. ڪنٽرول روم جو فوڪل پرسن ايڊيشنل ڪمشنر ون ميرپور خاص سبھاش چندر آهي، رابطو نمبر 03332084074، جڏهن ته مکيه ڪوآرڊينيٽر ايڊيشنل ڪمشنر ٽو ميرپور خاص سيد ابرار علي شاهه آهي، رابطو نمبر 03333538252. ڊويزنل ڪنٽرول روم قائم ڪرڻ جو مقصد ملڪي هنگامي حالتن کي وقت سر منهن ڏيڻ ۽ ٿرپارڪر، ميرپور خاص ۽ عمرڪوٽ جي ضلعي انتظاميا سان رابطي ۾ رهي امدادي ۽ بحالي جون سرگرميون جاري رکڻ آهي.