ڪراچي-08 مئي (اي پي پي) سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته 6 ۽ 7 مئي جي وچ واري رات ڀارت دهشتگردي جي هڪ بي بنياد الزام کي بنياد بڻائي پاڪستان خلاف غيرقانوني، غير ذميواراڻو ۽ عالمي قانونن جي کليل ڀڃڪڙي ڪندي جارحيت جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته سڄي دنيا ڄاڻي ٿي ته ڪشمير ۾ ڏهاڪن کان آزادي جي جدوجهد جاري آهي ۽ ڀارت هميشه هن تحريڪ کي دٻائڻ لاءِ اهڙا حربا استعمال ڪندو رهيو آهي. ڪراچي ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينيئر ۽ صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پهلگام واقعي تي ڪنهن به جاچ يا ثبوت کانسواءِ ڀارت پاڪستان تي الزام لڳايو ۽ پاڪستان جي طرفان غير جانبدار جاچ جي آڇ کي به رد ڪري ڇڏيو جيڪو ان ڳالهه جو پڪو ثبوت آهي ته ڀارت اڳ ۾ ئي اهو طئي ڪري چڪو هو ته الزام لڳائڻ کان پوءِ جارحيت ڪرڻي آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع ۾ ذميواري ۽ اثرائتي طريقي سان ڪارروائي ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ڀارتي فضائيه جا جهاز ڪيرايا ويا ۽ ٽي پائلٽ مارجي ويا، جيڪا ڪارروائي دشمن جي جديد ترين ٽيڪنالاجي خلاف هڪ بي مثال ڪاميابي آهي، جنهن جي سڄي دنيا ساراهه ڪري رهي آهي. هن جو چوڻ هو ته لائن آف ڪنٽرول تي جوابي ڪارروائين ۾ پاڪستان دشمن جي اهم فوجي مرڪزن کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 40 کان 50 ڀارتي فوجي مارجي ويا.شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڀارت هميشه پنهنجي ناڪامين کي لڪائڻ جي تاريخ رکي ٿو، ايتري قدر جو هن پنهنجي تباهه ٿيل جهاز جي پائلٽ اڀي نندن کي ”وير چڪر“ سان نوازيو. هن چيو ته ڀارت 7 ۽ 8 مئي جي رات ڇڪتاڻ وڌائيندي ٽن قسمن جي هدفن کي نشانو بڻايو. سڀ کان پهرين ڀارت ۾ سِک برادري ۽ انهن جي مذهبي جاين تي حملا ڪيا ويا ته جيئن هڪ طرف سکن کي ڊيڄاريو وڃي، ٻي طرف انهن حملن کي پاڪستان سان جوڙي نفرت ڦهلائي وڃي، ۽ ٽئين طرف انهن حملن جي ملبي کي پاڪستاني جهاز قرار ڏئي دنيا اڳيان پنهنجي کٽڻ جو تاثر ڏنو وڃي. ٻي نشان تي پاڪستان جا دفاعي ٺڪاڻا ھُئا، ته جيئن اسان جي دفاعي ۽ حملي واري صلاحيت کي ڪمزور ڪيو وڃي، ۽ ٽئين نشان تي شهري آبادي هئي ته جيئن پاڪستاني عوام ۾ خوف ۽ مايوسي پيدا ٿئي. بهرحال، پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر شاندار دفاعي حڪمت عملي سان اثرائتو جواب ڏنو ۽ هينئر تائين ملڪ ۾ اسرائيلي ٺهيل 25 ”هيروپ“ ڊرونز ڪيرايا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته ڊرون اڏائڻ آسان آهي، پر انهن کي ڪيرائڻ هڪ غيرمعمولي صلاحيت آهي، جيڪا اسان جي فوج جي پيشيوراڻي مهارت جو ثبوت آهي. پاڪستان ڀارت جا جهاز ڪيرايا ۽ انهن جي چيڪ پوسٽن کي به نشانو بڻايو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مودي حڪومت ڪرپشن ذريعي جهاز خريديا جنهن جو اعتراف ڀارت جون مخالف ڌر پارٽيون پاڻ ڪري رهيون آهن. هن چيو ته ڀارت پهلگام واقعي کان پوءِ پاڪستان تي حملي لاءِ ٻه هفتا ورتا، پر پاڪستان پنهنجي جواب جو وقت ۽ هنڌ پاڻ طئي ڪندو، ۽ اهو ردعمل قوم جي اميدن مطابق ٿيندو. سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پوري قوم پاڪ فوج سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي گڏ بيٺل آهي. اسان جون مائون، ڀينرون، بزرگ ۽ نوجوان سڀ هڪ زبان ٿي چڪا آهن ته ڀارت کي هر حال ۾ شڪست ڏني ويندي. هن چيو ته مودي جو ذهني توازن بگڙيل آهي ۽ هو هڪ ڏوهاري ۽ انتهاپسند سوچ رکندڙ ماڻهو آهي. شرجيل انعام ميمڻ ڪشميري عوام جي آزادي جي جدوجهد سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان هر حال ۾ ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهيون. هن ڀارت ۾ مسلمانن ۽ سکن تي جاري ظلم بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ۽ خبردار ڪيو ته ڀارت کي اڃا اندازو ئي ناهي ته ان کي ڪيترو وڏو نقصان ٿيڻ وارو آهي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ايٽمي طاقت آهي ۽ پنهنجي دفاع جو مڪمل حق رکي ٿو. ڀارتي حملن ۾ معصوم ٻار ۽ شهري شهيد ٿيا ۽ انهن شهيدن جي رت جو بدلو ضرور ورتو ويندو. هن چيو ته سنڌ حڪومت سڄي صورتحال تي ويجهي نظر رکي رهي آهي ۽ ڪنهن به امڪاني خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهي.